ڀيمنداس منواڻي
ڀيمنداس منواڻي: سياسي، سماجي ڪارڪن ۽ مشھور وڪيل ڀيمنداس منواڻيءَ چاچڪ، ضلعي نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌ اندر پھريون نمبر آيو. BSc ۽ ايل ايل بي پاس ڪري وڪالت شروع ڪئي. ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي اجمير (هندستان) ۾ رهيو. ساهتيءَ توڙي اجمير جي هوشيار وڪيلن ۾ شمار ٿيندو هو. ڪجهه وقت اجمير اسيمبليءَ جو ميمبر به رهيو. تقرير جو ماهر هوندو هو. قومي سوچ سبب آزاديءَ جي هلچل ۾ سڌو حصو نه ورتو. پر ڪارڪنن جي مالي مدد ڪندو رهيو. هن 15 سيپٽمبر 1966ع تي اجمير ۾ وفات ڪئي.