ڀيم گوڏا

ڀيم گوڏا: ڀيم گوڏا، ننگرپارڪر جي علائقي ۾ پاڻيءَ سان ڀريل ھڪ ڪُن جو نالو آھي، جيڪو ”گؤ مکيءَ“ کان ڪجهہ مٿڀرو آھي. ڪتاب ”پراڻي پارڪر“ ۾ ڀيم گوڏا ڪن جي ويڪر ٻہ فوٽ ۽ ڊيگهہ ٽيھہ فوٽ ڄاڻايل آھي. ھن ڪن کي ”ڀيم ڪن“ پڻ ڪوٺيو ويندو آھي. ھن بابت روايت آھي تہ ’پانڊون جي ڀاءُ ڀيم کي جڏھن ھن علائقي جي جبلن ۾ پاڻي ڪٿي بہ نہ لڌو تہ ھن ڪاوڙ ۾ اچي زمين ۾ لت ھنئي، جنھنڪري گوڏن تائين زمين ھيٺ ھلي وئي، پير ٻاھر ڪڍيائين تہ اتان پاڻي نڪري آيو، تنھنڪري ھن ”ڪُن“ کي ”ڀيم گوڏا“ يا ”ڀيم ڪن“ چوندا آھن.‘


لفظ ڀيم گوڏاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو