ڀينڊي شريف جو مدرسو

ڀينڊي شريف جو مدرسو

ڀينڊي شريف جو مدرسو

ڀينڊي شريف جو مدرسو: هن مدرسي جو نالو، مدرسہ مدينة العلوم، ڀينڊو شريف آھي، جيڪو تعلقي حيدرآباد جي ڳوٺ ڀينڊي شريف ۾ مولانا احمد 1911ع ۾ قائم ڪيو هو. ھن مدرسي جو بنياد دارالعلوم ديوبند،دهليءَ جي نقش قدم تي رکيو ويو ، بعد ۾ لاڙ، لس، ريگستان، بلوچستان، ايران، خضدار، خاران، سرحد ۽ پنجاب جا ڪيترا شاگرد ھن مدرسي ۾ تعليم پرائڻ لڳا. مولانا احمد، پنھنجي زندگيءَ جا 30 سال ھن مدرسي جي بنا اجوري خدمت ڪرڻ کان پوءِ 15 رجب 1946ع ۾ وفات ڪئي، جنھن بعد مولانا محمد عالم ھن مدرسي جو مھتمم مقرر ٿيو. مولانا محمد عالم پنھنجي محنت سان ھڪ ديني اداري جي نظم نسق ۽ تعمير کي پڻ آخري مرحلن تائين پھچايو. مدرسي ۾ تعليمي انتظام چئن شعبن تي قائم آھي؛
(1) عربي ٻولي، حديث شريف، تفسير، فقه، اصول فقه، عقائد، علم، ڪلام، ادب ۽ ٻيا علم، (2) تجويد ۽ قرئت، حفظ القرآن ۽ ناظره، (3) فارسي قديم ۽ جديد نصاب، (4) سنڌي- اردو حساب ڪتاب ۽ دينيات. ھن وقت مدرسي جو مھتمم مولانا عبدالخالق پنھور آھي، جڏھن تہ ھر ھڪ شعبي لاءِ الڳ الڳ استاد رکيل آھن.
جن قابل معلمن هن مدرسي ۾ خدمتون سر انجام ڏيئي ويا، تن ۾: حضرت مولانا عبدالله کڏهري، مولانا علي محمد، مولانا خليل رباني، مولانا مفتي رشيد احمد لڌيانوي، مولانا جميل احمد، مولانا محمد انور شاھہ هزاروي، مولانا محمد نور عيسيٰ خيلي، مولانا مفتي احمد ورياھہ ۽ مولانا محمد ابراهيم سجاولي قابل ذڪر آهن.
هي مدرسو وفاق المدارس العربيه، پاڪستان سان سلهاڙيل آهي، جڏهن تہ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري طرفان مدرسي جي سَند ’شهادة العالميه اسلاميہ‘ کي ايم. اي جهڙي حيثيت عطا ڪيل آهي. سنڌ جا ٻہ نامور عالم ۽ سياستدان، عبدالواحد آريسر ۽ مولانا عزيز ٻوھيو پڻ ھن مدرسي جا تعليم يافتہ آھن.


لفظ ڀينڊي شريف جو مدرسوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو