ڀيٽاري واري جنگ

ڀيٽاري واري جنگ: هيءَ جنگ ميرن جي شروعاتي دؤر ۾ ڇاڻي واري وڏي جنگ کان ڪجهه پوءِ، جتن ۽ سنڌ جي مير حڪمرانن جي انتظامي اٽالي جي وچ ۾ ڀيٽار جي اُتران ”ٻني“ ۾ رڻ جي دنگ تي لڳي. شاعر چڱو جت ان وقت حيات هو، جنھن انھيءَ جنگ تي بيت چيا. اُن مان معلوم ٿئي ٿو ته: ڪلهوڙن جي دؤر حڪومت ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ڪڇ تي چڙهائي ڪري پنھنجي فوجي طاقت ڄمائي هئي. سندس وفات کان پوءِ ڪلهوڙا حاڪم ڪمزور ٿيا ۽ سنڌ جي سرحدن تي ٻيا قابض ٿيا. سنڌ سان لاڳيتو ڪڇ ۾ جت طاقتور هئا، جيڪي ڪڇ جي راءِ سان ٻِٽُ هئا. ڪلهوڙن جي آخري دور کان وٺي ٽالپرن جي اوائلي دؤر تائين اهي سنڌ ۽ ڪڇ جي سرحد تي خودمختيار ۽ طاقتور رهيا. انھيءَ طاقت جي زور تي ئي ملڪ شير خان جت سنڌ جي نئين حڪومت سان طاقت آزمائي ڪئي ۽ ”ڇاڻي“ واري جنگ لڳي. ان جنگ ۾ لاکاڻي جت ڪونه وڙهيا ۽ ٻيا ڪي ”اوٺاڙي“ جت ڀڳا. ”مٺاڻي“ وڙهيا، پر انھن مان نِبھندو عالياڻي ميدان مان ڀڳو، پر ڀلجي ست ڀيرا ”ڇاڻ“ ٽپيو. جتن سان ٻيو راڄ ”متون“ جو هو. ميان غلام شاهه جي وقت ۾ جتن ۽ آسپاس وارن راڄن تي سالياني داڻبندي يا ٻئي ڪنھن حساب سان رقم ٻڌي ويئي، جيڪاڪلهوڙن جي زوال واري دور ۾ هنن ڪونه ڏني. پر ٽالپرن جي حڪومت ۾ نئين سر سرحدن تي انتظام ٿيا، جنھن موجب هڪ کٽياڻ فوجدار، لُنڊن ۽ کوسن جو مختصر اٽالو ۽ منشي وٺي ”لوڻي“ ڏانھن روانو ٿيو ۽ اتي لاکاڻي جتن کان ماليات وصول ڪيائون. اها خبر جيوي لاکاڻيءَ، جتن تائين پھچائي. جت انھي موقعي تي ڇاڻي واري جنگ جو بدلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا. هنن سان ان وقت منداڻيءَ جتن مان به ڪي شامل ٿيا، جن ۾ عارب، سؤتڪ ۽ سھراب همٿ ڀريا هئا. نبھندي عالياڻيءَ جو پوٽو شير نالي همٿ ڀريو جوان هو، سو به اچي پھتو ۽ چيائين ته : آءٌ سر به ڏيندس ۽ ڏاڏي جي ميار به لاهيندس. جت پنھنجي لشڪر ۾ متوا، واڍا توڙي پاڙي ويٺل ميگهواڙ گڏي، ”لوڻي“ کان هليا ۽ ”ڀيٽاري/ڀٽاري“ جي ويجهو اچي گس جهلي ويٺا. رهمڪي بازار کان جيڪا واٽ لوڻي ڏانھن ويندي هئي، ان تي رڻ کان پريان ڀيٽاري/ڀٽاري وٽ پاڻي پيئڻ جي منزل هئي، جنھن تي مَنداڻي جت ويٺل هئا. اتي سمورا جت اڳواٽ جنگ جي تياري ڪري ويٺا. جڏهن سنڌ وارا ويجها ٿيا ته هنن کي خبر پئي ته انھن ۾ ڪي ته دفتري، منشي ۽ عملي جا ماڻهو آهن، باقي سپاهه ايترو گهڻو ڪونھي. جڏهن هو رڻ وارو پنڌ ڪڍي اچي ڀٽار جي اترئين طرف رڻ جي ڪنڌيءَ تي پھتا ته هنن مٿن حملو ڪيو، جنھن ۾ عارب منداڻي سامهون لُنڊ ٻروچ کي ماريو ۽ پاڻ به مئو ۽ شير عالياڻي کٽياڻ کي ماريو ۽ پاڻ به مئو. کوسا جيڪي کٽياڻ جي اٽالي ۾ هئا، سي ميدان مان ڀڄي ويا. پر کٽياڻ جي اڳواڻي ۾ لُنڊ ۽ ٻيا جيڪي هئا، سي آخر تائين وڙهيا ۽ جتن، متون، واڍن ۽ ميگهواڙن مان گهڻن کي ماريائون. سنڌ جو باقي بچيل اٽالو لاش کڻائي پوئتي موٽيو. جتن ۽ ٻين کي ٻئي طرف کڻائي ”ٻُرڪر جي تڙ“ کان اتر ۽ ”لوڻي جي تڙ“ کان ڏکڻ دفن ڪيائون. بودل شيھھ، فقير گهراڻي جو هو، جيڪو به هن مقابلي ۾ ماريو ويو. هن مقام تي ”شھيدن جو مقام“ نالو پيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو