ڀيڄ ڀِني

ڀيڄ ڀِني: اڌ رات جو وقت يا آڌي، انھيءَ وقت کي ’پيرن جو وقت‘ پڻ سڏبو ھو، يعني برڪتن جو وقت، اڳي سنڌ اندر گهوٽ ڪنوار جي لانئن لھڻ جو وقت ڀيڄ ڀني رکندا ھئا، ڇو تہ عموماً ڀيڄ ڀنيءَ جي وقت کي سھاڳ لاءِ سڻائو سمجهيو ويندو ھو. ڌڻيءَ در دعائن اگهامڻ جي لاءِ پڻ اھو وقت مناسب سمجهيو ويندو ھو. سنڌ جي آڳاٽن سھرن، لاڏن ۽ ڳيچن ۾ پڻ ’ڀيڄ ڀني‘ لفظ گهڻو استعمال ٿيل آھي.


لفظ ڀيڄ ڀِنيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو