ڀَرتِي

ڀَرتِي (Bloat ):ڳائي ڍور جي اوجهہ ۾ سائي گاھہ جي ڦنڊڻ سبب ٿيندڙ سوڄ. هيءَ گهڻو ڪري برسيم يا ڪانسي (گُڏگاھہ)، پاري سڙيل يا سينواريل چاري ۽ کاڄ-نليءَ ۾ ٻَجههَ سبب پيدا ٿيندي آهي. اِها ساھہ کڻڻ ۾ مونجهارو پيدا ڪري ٿي ۽ ابتر حالتن ۾ ان سان جانور جو موت واقع ٿئي ٿو.
ماڻهوءَ کي بہ ڀرتي ٿيندي آهي، جنهن ۾ پيٽ ڦوڪجي ويندو آهي. ان صورت ۾ گئس خارج ڪندڙ دوائون ڪم آڻبيون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو