ڀَرچُونڊي

ڀَرچُونڊي: ھيءُ ڳوٺ تعلقي ميرپور ماٿيلي، ضلعي گهوٽڪي ۾ آباد آهي، جتي سنڌ جي مشھور اھل دل بزرگ حافظ محمد صديق (وفات: 1308ھہ) جي درگاھہ ۽ مدرسو آھي. سنڌ ۽ ھند جي مشھور عالم ۽ سياسي اڳواڻ مولانا عبيدالله سنڌيءَ ھن ڳوٺ ۾ اچي، ھن بزرگ جي ھٿ تي اسلام قبول ڪيو ھو. ڀرچونڊيءَ جي پيرن مان ميان عبدالحق عرف ”ميان مٺو“ پيپلزپارٽيءَ جو مشھور اڳواڻ ۽ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر رھي چڪو آهي. هن وقت ڏهرڪيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو