ڀنڀوري
ڀَنڀُوري: اڏامندڙ جيت جو ھڪ قسم ، جنهن کي ٻه وڏا رنگين پر ٿيندا آھن ۽ نھايت تيز اڏامندي آھي. ھيءُ جيت گھڻو ڪري واھوندي ۽ سرٽ
وارين مندن ۾ پيدا ٿيندو آھي ، جڏھن مڇرن جي گھڻائي ھوندي آھي. ڀنڀورين جي عام خوراڪ مڇر ھوندا آھن ، تنھنڪري ڀنڀورين جي پيدا ٿيڻ سان مڇرن جو خاتمو ٿي ويندو آھي. ڀنڀوري سرءُ جي مند ۾ پيدا ٿيندي آھي ، ان جا پر تمام سھڻا ، سنھڙا ۽ ڪيترن قسمن جي رنگن ۾ ٿيندا آھن ، جن مان آرپار ڏسي سگھبو آھي. پوپٽ ، مڇر ۽ ٻيا جيت ڀنڀوريءَ جو کاڄ ھوندا آھن. ڀنڀورين جا ٻچا اھڙا ھٻڇي ٿيندا آھن ، جو کين ٻيو کاڄ نه مليو ته ھڪ ٻئي کي کائي ڇڏيندا آھن. ڀنڀورين بابت سنڌيءَ ۾ ھڪ لوڪ گيت عام آھي:
ڀلي آيون ڀنڀوريون ، جن مڇر کاڌا چٻي ،
مارو ڪيو مڇر تي ، دٻ ڪڍوس دسي ،
ڏکـڻ کــي ڏاتـار آڻـي ، ھير ٿـڌڙي لـڳي.