ڀَنگو بِهڻ: تعلقي فيض گنج ضلعي خيرپور ۾ هڪ ديھہ جو نالو. ديھہ ”ڀنگو بِهڻ“ ۾ ’ڀنگو‘ ۽ ’بِهڻ‘ ٻہ ڌار ڌار ڳوٺ آهن، ۽ گڏيل نالي سان سڏجن ٿا، ڇوته اهي حد بنديءَ ۾ گڏجي ويا آهن. مشھور شاعر ۽ ڪسٽم ڪليڪٽر ”عدنان“ علي شير بھڻ بہ هتان جو رهاڪو آهي.