ڀَونر ڪَلي

ڀَونر ڪَلي: ٻارن جي ڦرڻ لاءِ ڦرڻي پينگهه ، ھڪ ڪاٺي زمين ۾ کوڙي ، ٻي ان جي مٿان سل ڪري ان ۾ وجهندا آھن . پوءِ ڦرڻ واري ڪاٺيءَ کي ٻنھي پاسن توڙي ٻڌي لوڏ ٺاھيندا آھن ، انھيءَ لوڏ ۾ ٻنھي پاسي ھڪ هڪ ٻہ ٻار چڙھي ويھندا آھن ۽ ٻيا ٻار انھن کي چيڪلي وانگر ڦيرائيندا آھن .
ان کانسواءِ بلبل جي چيلھہ ۾ ٻڌل ڏور ، جنھن ۾ گول ڇلو ھوندو آھي ، جيڪو بلبل جي ڦرڻ سان گڏ پيو ڦرندو آھي . ڪڪڙ جي پير ۾ ٻڌل لوھي گول ڦرڻو ڇلو ، ٻڪريءَ ، ڪُتي ۽ گهوڙي جي ڳچيءَ ۾ ٻڌڻ لاءِ پٽي يا ڳِراھيءَ کي بہ ” ڀونر ڪلي “ چوندا آھن .
سٽ ڪتڻ لاءِ ھڪ سڌي ڪوڪي تي گهمندڙ اوزار کي بہ ” ٽڪ-ٽڪلي “ يا ” ڀونر ڪلي “ سڏبو آھي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو