ڀَڙَج: ”ڀڙج“ ذات جا ماڻھو غالباً سومرن جي دؤر کان وٺي حب- ملير کان ھيٺ گهاري تائين ۽ گهاري کان ڏکڻ، اولھہ کيراڻيءَ واري علائقي ۾ آباد آھن. ان وقت سنڌو نديءَ جو ھڪ ھيٺيون ڇوڙ ڦٽو درياھہ ھو، جيڪو گهاري کان ڏکڻ- اولھہ طرف وھندو ھو. موجودہ ”کيبراڻي ديھہ“ ڀڙجن جو ٻيلو ھو.
”ماڙي مورڙو“، جنھن جا کنڊر کيبراڻي ديھہ ۾ آھن ۽ ”ٿنڀن واري مسجد“ جي شھر جا کنڊر، ڀڙجن جي وقت جا يادگار آھن. مٿان درياھہ جي رخ بدلجڻ ۽ پاڻيءَ جي کوٽ سببان، ڀڙجن وارو علائقو ويران ٿيو، انھيءَ ڪري ڪي قبيلا ھيٺ ساڪري ۽ گهوڙا ٻاريءَ طرف ھليا ويا ۽ ٻيا مٿئين حب ۽ ملير واري ماڳ ڏانھن ويا، جتي هنن پنھجي لاءِ وڌيڪ علائقو ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهنڪري ڀڙجن جو، لاشارين ۽ ڪرمتي قبيلن سان ٽڪر ٿيو، جنھن ۾ سندن زور ٽٽو ۽ کين حب ۽ ملير واري علائقي مان بي دخل ٿيڻو پيو، اھو مغلن جو اوائلي دؤر ھو، ان وقت ڪرمتين جو سردار ملڪ حاجي خان ھو، جنھن ڀڙجن کان ملير وارو علائقو ھٿ ڪيو، ڪي ھڪ ٻہ راڄ ڀڙجن جا حب واري پاسي رھيا ۽ جڏھن جوکيا راڄ ”ڪنگوريءَ“ واري پاسي کان سندن سربراھہ بجار خان جي اڳواڻيءَ ھيٺ حب واري علائقي ۾ آيو تہ ڀڙجن جي راڄن کين پنھنجي ايراضيءَ طرف وڌڻ نہ ڏنو ۽ پٿر کوڙي دنگ ڪڍيائون تہ جيئن جوکيا اڳتي نہ وڌن ۽ جوکيا بہ دنگ جهلي ويھي رھيا.