ڀُرڪڻ2

ڀُرڪڻ2: ٿر جي هندن ۾ شاديءَ جي هڪ رسم موجب ”ڀُرڪڻ“ گهوٽ جو سينگار آهي. جنهن موجب هڪ نئين ٽوال جا چار ئي پلئہ هئيڊ سان پيلا ڪري، شلوار مٿان کٿيءَ وانگر ٻڌي، مٿان ”ڪڙٻڌڻو“ ٻڌي ڇڏبو آهي. جيڪو ڄڃ واپس اچڻ مھل لاهي ڇڏيندا آهن. هي رسم ڪولهين، ڀيلن ۽ مينگهواڙن ۾ عام آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو