ڀُنگُ: چوري ٿيل شيءِ جي موٽائڻ لاءِ ڏنل کري (رقم). ڀُنگ هميشه چوري ٿيل چوپائي جي موٽائڻ لاءِ ڏبو آهي؛ جيئن اُٺ، گهوڙي، ڳئون، مينهن، گڏهه ۽ ٻڪريءَ وغيره لاءِ، پر هاڻي اغوا ٿيل ماڻهوءَ جي لاءِ به پاٿاريدار ڀُنگ وٺن ٿا.