ڀُڄ

ڀُڄ

ڀُڄ

ڀُڄ: ڀارت جو مکيہ شھر، جنهن بابت چون ٿا تہ ڪڇ جي راجا راءِ کنگهار جاڙيجي، سال 1547ع ۾ ٻڌايو ھو. راءِ کنگهار جاڙيجو 1548ع کان وٺي 1584ع تائين ڪڇ جو حاڪم ھو. ھن ٺٽي جي ميمڻن کي دعوت ڏئي ”ڀڄ“ ۾ گهرايو، جتي ھو پنھنجو پاڙو ٻڌي وڃي ويھي رھيا. اتان پوءِ ڪنھن وقت ڪڇي ميمڻ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ڏانهن ويا.1580ع کان وٺي 1680ع تائين، گجرات ۾ سورت جو شھر وڻج واپار جي ڪري برک ھو. ھي ميمڻ اتي جا برک واپاري هئا. سورت جو واپار گهٽ ٿيو تہ ڪيترا ميمڻ بمبئيءَ لڏي ويا. ڪڇ، گجرات ۽ بمبئيءَ وارا سڀ ميمڻ، سنڌ جي لھاڻن مان آھن. هڪ ڏند ڪٿا موجب ڀڄ شھر تي اھو نالو ان ڪري پيو، جو ڀجيه (ڀجنگ) يعني ”نانگ ديوتا“ کي ارپڻ ٿيل آھي.26 جنوري 2001ع تي سنڌ ۽ ان جي سرحدن کي ويجهو ڀارتي صوبي گجرات ۾ زبردست زلزلو آيو، جنھن ۾ ڀُڄ شھر مڪمل تباھہ ٿي ويو. ھن زلزلي جو مرڪز ڪڇ جو رڻ ھو، جنھن کي ڀارت جا شھر ڀُڄ ۽ احمدآباد بلڪل ويجهو ھئا، جنھنڪري اتي تمام وڏي تباھي آئي. ڀُڄ ۾ آيل زلزلي سبب سنڌ جي ٿر واري علائقي خاص ڪري ڏيپلي ۽ ٻين علائقن ۾ بہ شديد نقصان رسيو.


لفظ ڀُڄھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو