ڀُڳڙا: چَڻي جي پوک سنڌ ۾ جام ٿئي ٿي. خاص طرح اتر سنڌ جي پاسي چڻو تمام گهڻو پوکيو وڃي ٿو. فصل لھڻ بعد، چڻن کي سُڪائي رکندا آهن پوءِ جڏهن ڀڳڙا ٺاهبا آهن تہ سُڪل چڻن جو ضرورت آهر مقدار ڪڍي، اُن کي ڪنهن ٽب يا ڊرم ۾ پُسائي، وڏي ڪڙاهيءَ، جنهن ۾ ڪافي مقدار ۾ درياھہ جي ڪِرڪَ واري پيل هوندي آهي ۽ باھہ تي رکيل هئڻ ڪري، واري سخت گرم يا تتل هوندي آهي. اُن واري ۾ پسيل چڻا وجهبا آهن ۽ انهن کي ڀُڃبو آهي ۽ جڏهن چڻا ڀڳڙن جي صورت اختيار ڪندا آهن تہ انهن کي واريءَ واري ڪڙهيءَ مان ڪڍي، الڳ رکيو ويندو آهي. اُن کي ڀڳڙا ڪوٺيندا آهن.
هڪڙا پيلا ڀڳڙا ٿيندا آهن ۽ ٻيا ڪارا. اصل ۾ چڻن ۾ ئي ڪارا چڻا مليل هوندا آهن، جن کي ڀڃڻ کان پهرين ئي الڳ ڪري پوءِ ڀُڃبو آهي، طب ۾ کنگهہ لاءِ ۽ سائيءَ ۽ شگر جي بيماري ۾ پيلا ڀڳڙا کارايا ويندا آهن. هن کي ٻار توڙي وڏا شوق سان کائيندا آهن.