ڀِتَر پوڄا: بَڊي جي سُھائي چوٿ تي چنڊ نہ ڏسبو آهي. هندن ۾ عقيدو آهي تہ جي ان موقعي تي چنڊ ڏِسجي تہ ڀاڳوت گيتا جي ڏهين اڌيا ۾ آيل ستراجت جي ڪَٿا شُڌيءَ سان پڙهي، چنڊ جي سامهون پَٿَر اُڇلجن تہ ڪُوڙو ڪَلنڪ نہ لڳندو.