ڀِرڪَڻ
ڀِرڪَڻ: تعلقي لکي، ضلعي شڪارپور ۾ هڪ ديھہ، جنهن ۾ 6 ڳوٺ آباد آهن. هن نالي سان ’ڀِرڪَڻ‘ ڳوٺ بہ آهي، جنهن جي آبادي 2000 کان وڌيڪ آهي. هتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ جدا جدا اسڪول موجود آهن. هن ديھہ ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: ڀرڪڻ، وسايو، ماڇي ڳوٺ، پيارو، موراڻي ۽ منگاناڻي.