ڀِنجُھو

ڀِنجُھو: سڪل مٽي، کوٽيل مٽي ۽ ڊٺل جاءِ جي مٽي وغيرہ کي ”ڀنجهو“ چوندا آھن. اھڙيءَ طرح سان ھيٺاھين زمين تي ڀراءُ وجهڻ لاءِ وڌل مٽيءَ، ھر ڏنل زمين (کيڙيل زمين) وارن کڙن ۽ ڀترن واري کيڙيءَ کي بہ ”ڀنجهو“ چوندا آھن. انھيءَ ڪري ھارين جي اصطلاح ۾ کيڙيل زمين ۾ ٻج وجهڻ کان پوءِ پھريون دفعو پاڻي ڏيڻ کي ”ڀنجهو پيارڻ“ چوندا آھن.
قبر مان نڪتل مٽيءَ کي بہ ”ڀنجهو“ چوندا آھن.
”ڀر ڀنجهوءَ ويھي، ڪھڙي ڪندين ڳالھڙي“ (شاھه)


هن صفحي کي شيئر ڪريو