ڀِنيان

ڀِنيان: ڪوٽڙي تعلقي جي هڪ شھر ۽ ڳوٺ جو نالو، ’ڀنيان‘ آڳاٽو درياھي بندر ھو. ھاڻي ھن شھر کي درياھہ پائي ويو آھي، جنھنڪري ھن جو نالو نشان بہ نہ رھيو آھي. شھر جون پناھون ئي پائجي ويون. ڀنين جا ماڻھو لڏي سيد منظور شاھہ جي نالي ”منظور آباد“ شھر ٻڌي ويٺا آھن، جيڪو انڊس ھاءِ وي تي کاڻوٺ جي ويجهو آھي، ھتي مغل ذات جا سنڌي، بوٽن ۽ جتين جا سٺا ڪاريگر ٿي گذريا آهن، جيڪي جتين تي زريءَ جو ڪم ڪندا ھئا ۽ زنانيون جتيون زريءَ تي ٺاھيندا ھئا، شھر جي موچين جو مال حيدرآباد ۽ ھالا جي دڪاندارن جو ٻوليل ھوندو ھو. ڀنين ۾ چمڙي جي رڱاوت جو ڪم ۽ ڪاٺ جي ڪرسين، ميزن، ڪٻٽن، کٽن ۽ پلنگن جو ڪم سٺو ٿيندو ھو، خاص ڪري ڪجاون ۽ پلٽن جو ڪم، پسنديءَ جهڙو ٿيندو ھو. گيھه، ماکيءَ ۽ سرنھن جي تيل جو واپار بہ ھن شھر سان ٿيندو ھو. ھن شھر ۾ گهاڻا بہ ڪافي ھوندا ھئا. مڃٺ جون ڪاٺيون، سرنھن ۾ پيڙڻ وقت وجهندا ھئا تہ تيل ڳاڙھو ٿيندو ھو. ڀنين جي ڪناري تي شِو مھراج جو هڪ مندر ھو، جنھن ۾ ڦڳڻ مھيني ۾ شِو جو ميلو لڳندو ھو، جنھن تي ٻاھرين ماڻھن جون ٻيڙيون ڀرجي اينديون ھيون ۽ وڏو ميلو لڳندو ھو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو