ڀِٽارو2

ڀِٽارو2: ڀٽن واري زمين، ضلعي ٿرپارڪر ۾ نئين ڪوٽ کان ھيٺ ڀرو ھڪ علائقو. شاھہ يقيق ’ڀٽاري‘ جي ڀونءِ کي ھن طرح ياد ڪيو آھي:
’بَرسي ڀٽاري، ڀريا پٽ پراڻ جا“ يعني ڀٽاري واريءَ جوءِ تي اھڙي برسات وٺي، جو ان جي پاڻيءَ وڃي، پراڻ کي تار ڪيو. پراڻ، سنڌو نديءَ جو اڳيون وھڪرو هو، جيڪو نوابشاھہ ۽ سڪرنڊ جي وچ ڌاري، اوڀر ڏکڻ طرف ڦريو ۽ موجودہ وقت جي نوابشاھ، سنجهوري، ميرپورخاص ۽ ڊگهڙي تعلقي مان ٿيندي، ٽنڊي جان محمد، جهڏي، نئين ڪوٽ کان ھيٺ ڏکڻ طرف ڀٽاريءَ وٽان وڃي، ڍوري ناري سان گڏبو هو.
ھن نالي سان بدين، ڏيپلي، ميرپورخاص ۽ ساماري تعلقن ۾ بہ ديھون موجود آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو