ڀِٽَ
ڀِٽَ: واريءَ جو وڏو دڙو، ٽڪريءَ وانگر مٽيءَ يا واريءَ جو ھڪ وڏو ڍڳ، سنڌ جي اڀرندي ٿر واري طبعي ڀاڱي ۾ تمام وڏيون ڀٽون آھن، جن مان ڪيترين تي نالا رکيل آھن. ٿر ۾، ڏيپلي ۽ مٺي تعلقن ۾ تمام وڏيون ۽ اوچيون ڀٽون آھن.
ٿر جي مٺي شهر جي اولهه طرف موجود وڏي ۽ مشهور ڀٽ کي ’گڊي‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جتي شام جو اڪثر ماڻهو هوا کائڻ ۽ شهر جو خوبصورت نظارو ڏسڻ لاءِ ايندا آهن، رات جو جڏهن بتيون ۽ ڏيئا ٻرندا آهن ته هتان مٺي شهر پڪاسو جي تصويرن وانگر لڳندو آهي. مٿان کان سڄو مٺي شهر هڪ پيالي نما منظر پيش ڪندو آهي. تازو هتي ضلعي حڪومت طرفان ايندڙ ماڻهن جي ويهڻ لاءِ دِڪا ۽ ٿلها ۽ هوٽلون ٺهرايون ويون آهن. ٿر جي ڀٽن جي وجود وٺڻ جو سبب سنڌوءَ ۽ ھاڪڙي درياهن مان وھي ايندڙ واريءَ ۽ لٽ جو ھوا تي پکڙجڻ آھي. ٿر ۾ اڪثر وڏين ڀٽن تي مقامي طور نالا رکيل آهن ، جن جو تفصيل ڪتاب ”تاريخ ريگستان“ ۾ موجود آهي. اندازو آھي ته ھر سال ڪروڙين ٽن واري سنڌُو، ڪابل، جھلم، راوي، بياس ۽ ستلج درياهن ۽ مختلف نين ۽ جابلو وھڪرن مان وھي، سنڌو درياهه جي ڪنارن تان تيز ھوائن ذريعي اُڏامي پکڙندي رھندي ھئي، جيڪا ھزارين سالن کان پوءِ ڀٽن جي صورت ۾ نمودار ٿي آهي.
منھوڙي (ڪراچي) ٻيٽ جي ويجھو، سمنڊ اندر ھڪ ٽڪر، پڻ ”ڀٽ“ (بابا ڀٽ) جي نالي آباد آھي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ڪوٽڙي ڇڏي اچي هڪ ويران ڀٽ کي وسايو هو، جتي هن پنهنجي فقيرن لاءِ رهڻ جو بندوبست ڪيو ۽ مسجد ٺهرائي بعد ۾ ان ويران ڀٽ تي ’ڀٽ شاهه‘ جو نالو پئجي ويو. ان وقت ان ڀٽ جي چوڌاري پاڻيءَ جون ترايون هونديون هيون. ڪراڙ وڏي ترائي هئي، جتي مينهن جو پاڻي گڏ ٿيندو هو ۽ اڄ ”ڀٽ شاهه“ ۾ وڏي رونق ۽ آبادي ٿيل آهي. (ڏسو: ڀٽ شاهه)