ڀِٽَ

ڀِٽَ

ڀِٽَ1

ڀِٽَ: واريءَ جو وڏو دڙو، ٽڪريءَ وانگر مٽيءَ يا واريءَ جو ھڪ وڏو ڍڳ، سنڌ جي اڀرندي ٿر واري طبعي ڀاڱي ۾ تمام وڏيون ڀٽون آھن، جن مان ڪيترين تي نالا رکيل آھن. ٿر ۾، ڏيپلي ۽ مٺي تعلقن ۾ تمام وڏيون ۽ اوچيون ڀٽون آھن.
ٿر جي مٺي شھر جي اولھہ طرف موجود وڏي ۽ مشھور ڀٽ کي ’گڊي‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جتي شام جو اڪثر ماڻهو هوا کائڻ ۽ شھر جو خوبصورت نظارو ڏسڻ لاءِ ايندا آهن، رات جو جڏهن بتيون ۽ ڏيئا ٻرندا آهن تہ هتان مٺي شھر پڪاسو جي تصويرن وانگر لڳندو آهي. مٿان کان سڄو مٺي شھر هڪ پيالي نما منظر پيش ڪندو آهي. تازو هتي ضلعي حڪومت طرفان ايندڙ ماڻهن جي ويهڻ لاءِ دِڪا ۽ ٿلها ۽ هوٽلون ٺهرايون ويون آهن. ٿر جي ڀٽن جي وجود وٺڻ جو سبب سنڌوءَ ۽ ھاڪڙي درياهن مان وھي ايندڙ واريءَ ۽ لٽ جو ھوا تي پکڙجڻ آھي. ٿر ۾ اڪثر وڏين ڀٽن تي مقامي طور نالا رکيل آهن ، جن جو تفصيل ڪتاب ”تاريخ ريگستان“ ۾ موجود آهي. اندازو آھي تہ ھر سال ڪروڙين ٽن واري سنڌُو، ڪابل، جهلم، راوي، بياس ۽ ستلج درياهن ۽ مختلف نين ۽ جابلو وھڪرن مان وھي، سنڌو درياھہ جي ڪنارن تان تيز ھوائن ذريعي اُڏامي پکڙندي رھندي ھئي، جيڪا ھزارين سالن کان پوءِ ڀٽن جي صورت ۾ نمودار ٿي آهي.
منھوڙي (ڪراچي) ٻيٽ جي ويجهو، سمنڊ اندر ھڪ ٽڪر، پڻ ”ڀٽ“ (بابا ڀٽ) جي نالي آباد آھي.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ ڪوٽڙي ڇڏي اچي هڪ ويران ڀٽ کي وسايو هو، جتي هن پنھنجي فقيرن لاءِ رهڻ جو بندوبست ڪيو ۽ مسجد ٺهرائي بعد ۾ ان ويران ڀٽ تي ’ڀٽ شاھہ‘ جو نالو پئجي ويو. ان وقت ان ڀٽ جي چوڌاري پاڻيءَ جون ترايون هونديون هيون. ڪراڙ وڏي ترائي هئي، جتي مينهن جو پاڻي گڏ ٿيندو هو ۽ اڄ ”ڀٽ شاھہ“ ۾ وڏي رونق ۽ آبادي ٿيل آهي. (ڏسو: ڀٽ شاھہ)


هن صفحي کي شيئر ڪريو