ڀِڙو: ڪنھن پراڻي ڦٽل شھر، قلعي، قديم قبرستان يا ڊٺل جاءِ جو دڙو.
ھن نالي سان سنڌ ۾ جدا جدا ضلعن ۾ ديھون آھن. جھڙوڪ: نوشھري فيروز ۽ روھڙي تعلقن ۾ ”ڀڙو“ نالي ديھون مشھور آھن.
ضلعي سکر جي تعلقي روھڙيءَ جي ھڪ ديھہ، جنھن ۾ ھيٺيان 8 ڳوٺ موجود آھن: ڀڙو نئون، خورشيد احمد چيما، پراڻو ڀڙو، باغ ڊکڻ، گچلا پنھور، پنڃل ھاليپوٽو، پريو ھاليپوٽو ۽ ڊکڻ.