ڀٽائيءَ جو ثقافتي ورثو (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز جي تعارف ۽ تاريخ تي سهيڙيل آهي، جنهن کي منظور احمد قناصري ترتيب ڏنو. هن ڪتاب ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي روضي جي تاريخ، ڀٽ شاھہ سان لاڳاپيل ماڳن، مڪانن، ڪراڙ ڍنڍ، ڀٽ شاھہ ۾ موجود مشھور عالمن جي قبرن، ثقافتي مرڪز جي سموري ڪارڪردگيءَ ۽ ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ عالمن ۽ سياستدانن جو ذڪر بہ شامل آهي، جن ۾ سيد ميران محمد شاه، جي. ايم. سيد، طالب الموليٰ، نبي بخش بلوچ، پيرزادي عبدالستار ۽ ٻين جو ذڪر آهي. 189 صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب ۾ ڀٽائي صاحب جي روضي، ان جي راڳين ۽ ڪراڙ ڍنڍ جون رنگين تصويرون بہ شامل آهن. ڪتاب جي قيمت 150 رپيا ڄاڻايل آهي، رنگين ٽائيٽل واري ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب ’ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز‘ ڀٽ شاھہ، پاران 2006ع ۾ ڇپايو ويو.