ڀٽائي سيد غلام شاھہ وارو قلمي رسالو

ڀٽائي، سيد غلام شاھہ وارو قلمي رسالو: سيد غلام شاھہ ڀٽائي راڳائي هو ۽ پوئين ويجهڙائيءَ واري دور ۾ شاھہ جي راڳ جي اڳواڻي ڪيائين. شاھہ صاحب پاڻ هڪ رسالو لکايو، جنهن ۾ ڪن بيتن ۾ سٽن جون پڙهڻيون پاڻ پنھنجي خيال موجب ڏنائين. ترتيب ساڳي بمبئي ڇاپي واري رکيائين ۽ بيتن ۽ واين جو تعداد بہ تقريباً ساڳيو رکيائين: مثلاً: (1283ھہ بمطابق 1866ع واري) بمبئي ڇاپي ۾ 4071 بيت ۽ 237 وايون آهن تہ غلام شاھہ واري نسخي ۾ 4123 بيت ۽ 248 وايون ڏنل آهن. اندازاً 1964-1970ع وارن سالن ۾ اهو رسالو لکايائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو