ڀٽائي، شاھہ عبداللطيف: سنڌ جو عظيم شاعر شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، جنهن کي ايڇ. ٽي سورلي ۽ علامہ آءِ آءِ قاضي جهڙن عالمن دنيا جي وڏن صوفي شاعرن ۾ شمار ڪيو آهي. شاھہ لطيف سرتاج الشعراء، لاکيڻي لطيف، ڀٽ جي گهوٽ جهڙن لقبن سان هنڌين ماڳين مشھور هستي آهي (وڌيڪ ڏسندا: شاھہ عبداللطيف ڀٽائي).