ڀٽو، آمنہ بيگم: آمنہ بيگم ڀٽو 23 جولاءِ 1923ع تي احمد قريشيءَ جي گهر ۾ ايران جي هڪ شھر ۾ جنم ورتو. بعد ۾ پنھنجي والدين ۽ وڏي ڀاءُ علي محمد قريشيءَ وٽ رهڻ لڳي،جيڪو سنڌ گورنمينٽ پرنٽنگ پريس ڪراچي ۾ ملازم هو. حنيفہ ٻائي مشن اسڪول ميمڻ محله آرام باغ ڪراچي مان ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد مڊل جو امتحان پاس ڪري گورنمينٽ پرائمري اسڪول گذري اپ ڪراچي ۾ بحيثيت پرائمري ٽيچر مقرر ٿي. اتي علي محمد ڀٽي ۽ محمد اسماعيل ڀٽي جو خاندان رهندو هو. آمنہ بيگم ڀٽو جي شادي محمد اسماعيل ڀٽي سان ٿي، جيڪو قائد اعظم محمد علي جناح جو پي . اي هو ۽ قائداعظم پاڪستان جو گورنر جنرل هو. محمد اسماعيل ڀٽو 1947ع کان پوءِ خواجہ ناظم الدين جو پي اي ٿيو ۽ سندس سرڪاري رهائشگاھہ موجودہ گورنر هائوس سابقه گورنر جنرل هائوس ڪراچيءَ ۾ هئي. کيس چار پٽ ۽ پنج نياڻيون آهن.
آمنہ بيگم ڀٽو کي 1967ع ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي گذارش ڪئي تہ مرتضيٰ ڀٽو، بينظير ڀٽو، صنم ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو کي نماز جي تربيت سان گڏ اسلاميات ۽ اردوءَ جي تعليم ڏئي. جنهن لاءِ آمنہ بيگم ڀٽو عصر جي نماز وقت کين پڙهائڻ لاءِ 70 ڪلفٽن ويندي هئي. آمنہ بيگم ٻہ حج ۽ ٽي عمرا ڪيا. آمنہ بيگم 30 نومبر 2007ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. کيس ميوا شاھہ قبرستان نزد گارڊن ڪراچي ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.