
شاهنواز ڀٽو
ڀٽو، شاهنواز: شاهنواز ڀٽو پاڪستان جي اڳوڻي صدر ۽ وزيراعظم جناب ذوالفقار علي ڀٽي جو فرزند هو، 1958ع ڌاري جنم وٺندڙ شاهنواز سڀني ٻارن ۾ ننڍو هو. شروعاتي تعليم پاڪستان ۾ ورتائين، پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ ٻاهر موڪليو ويو. هو سئٽزرلينڊ ۾ پڙهي رهيو هو تہ سندس والد ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري تڏهوڪي آمر ضياءُ الحق فوجي حڪومت قائم ڪئي ۽ بعد ۾ ڀٽي صاحب کي قتل جي ڪوڙي الزام ۾ ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي وئي. 1979ع ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي ڏئي شھيد ڪيو ويو تہ ان غم ۽ غصي ۽ عوام جي بيچينيءَ سبب شاهنواز ڀُٽو پنھنجي وڏي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽي سان گڏ ضياءُ آمريت خلاف جدوجھد ڪئي. سندن وڏي ڀيڻ بينظير ڀٽو پڻ فوجي عتاب هيٺ رهي ۽ ڪجهہ عرصو سکر جيل ۾ قيد ڪاٽيائين. هوءَ پنھنجي ٻنهي ڀائرن جي حياتيءَ لاءِ فڪرمند رهندي هئي.
شاهنواز ڀُٽي ۽ مرتضيٰ ڀٽي جي شادي افغانستان جي هڪ شاهوڪار خاندان مان افغاني جنرل شاهنواز جي ڌيئرن سان ٿي.
18 جولاءِ 1985ع تي 27 سالن جي ڳڀرو نوجوان شاهنواز ڀٽي جو لاش فرانس جي شھر نائيس ۾ سندس گهر مان مليو، جنهن بابت ڪن حلقن جي راءِ آهي تہ کيس ان افغان گهرواريءَ ريحانه زهر ڏنو هو. نتيجي طور مرتضيٰ ڀٽي پنھنجي افغان گهر واريءَ کي طلاق ڏئي ڇڏي هئي. ڪن حلقن جو خيال آهي تہ شاهنواز ڀُٽو ضياءَ الحق خلاف هو ۽ ان کيس مارائڻ جو منصوبو رٿيو، ۽ شاهنواز ڀٽو ان سازش جو شڪار ٿيو. ڪن جي راءِ آهي تہ انقلابين جي اصول تحت هن سختيءَ ۽ جاسوسيءَ کان تنگ ٿي زهر کاڌو هو. بهرحال قتل جي شڪ ۾ فرينچ حڪومت ريحانه کي گرفتار بہ ڪيو هو، پر ڪجهہ عرصي بعد کيس آزاد ڪري سفر جي اجازت ڏني وئي، جنهن بعد هوءَ آمريڪا هلي وئي ۽ هن وقت شاهنواز ڀٽي جي ڌيءَ سسئي ڀٽو ساڻس گڏ آمريڪا ۾ رهائش پذير آهي.
شاهنواز ڀٽي جي خوش مزاجيءَ واري طبيعت سبب سڀ گهر ڀاتي کيس ڀائيندا هئا، هن جي مزار سندس عظيم والد، بھادر ڀيڻ ۽ ڀاءُ سان گڏ ڳڙهي خدا بخش ۾ آهي.