
صنم ڀٽو
ڀٽو، صنم: شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ننڍي نياڻي ۽ محترمہ شھيد بينظير جي ننڍي ڀيڻ، صنم ڀٽو 1957 ڌاري جنم ورتو. هن هارورڊ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي آهي، سندس شادي ناصر حسين سان ٿي هئي. پر هن وقت سندن علحدگي ٿي چڪي آهي. صنم ڀٽو گهڻي عرصي کان پرڏيھہ ۾ رهي ٿي.
ڊسمبر 2007ع ۾ جڏهن محترمہ بينظير ڀٽو جي شهادت جو المناڪ واقعو پيش آيو تہ صنم ڀٽو پنھنجي ڀيڻ جي آخري ديدار لاءِ سنڌ آئي. هوءَ هن وقت شھيد ڀٽو خاندان جي واحد چشم و چراغ آهي، جيڪا زندہ حيات آهي. کانئس هڪ انٽرويو ۾ سياست ۾ اچڻ بابت پڇيو ويو تہ هن وراڻيو تہ سندس سياست ۾ اچڻ جو ڪو بہ ارادو نہ آهي. هن وقت صنم ڀٽو پنھنجي فرزند ’شھمير حسن‘ ۽ نياڻي ’آزادي‘ سان گڏ لنڊن ۾ رهائش پذير آهي .
1957.00.00 عيسوي
صنم ڀٽو 1957 ڌاري جنم ورتو