ڀٽو مشتاق علي خان

ڀٽو، مشتاق علي خان: مشتاق علي خان ولد نادر علي خان ڀٽو 8 آگسٽ 1947ع تي ڳڙهي خدا بخش، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳڙهي خدا بخش مان حاصل ڪري، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان انٽر ۽ بي. اي گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان، ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس) 1977ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. هن پنھنجي سياسي زندگي جو آغاز 1965ع جي صدارتي چونڊن ۾ محترمہ فاطمہ جناح جي اليڪشن مھم ۾ حصو وٺڻ سان ڪيو. پاڻ 1967ع ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي پاران پاڪستان پيپلز پارٽي قائم ڪرڻ وقت سندس پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو، جنهن کيس سکر ڊويزن ۾ پارٽيءَ کي منظم ڪرڻ جي ذميواري سونپي، جنهن کي سٺي نموني نڀايائين. 1968ع ۾ جڏهن شھيد ڀٽي ۽ سندس ٻين ساٿين کي گرفتار ڪيو ويو، تڏهن مشتاق علي خان ڀٽو پڻ گرفتار ٿيو، اها سندس سياسي زندگيءَ جي پهرين گرفتاري هئي. آزاد ٿيڻ بعد سياسي سرگرمين کي جاري رکندو آيو. 1973ع جي عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پاران صوبائي اسيمبليءَ جي ٽڪيٽ آڇي وئي، پر ڪن سببن جي ڪري پاڻ انڪار ڪري ڇڏيائين. ڪجهہ عرصي لاءِ عملي سياست کان ڪٽيل پڻ رهيو ۽ ڪجهہ وقت پرڏيھہ هليو ويو. 1975ع ۾ پاڪستان واپس اچي نئين ديري ۾ رهائش اختيار ڪيائين. جڏهن 5 جولاءِ 1977ع تي ملڪ ۾ مارشلا نافذ ڪري، شھيد ڀٽي جي حڪومت کي ختم ڪري کيس نظربند ڪيو ويو تہ پاڻ شھيد ڀٽي جي حمايت ڪندي سياست ۾ ٻيهر سرگرم ٿيو. آگسٽ 1983ع ۾ جڏهن ايم. آر. ڊي تحريڪ شروع ٿي، تڏهن کيس ڳڙهي خدا بخش ڀٽي مان احتجاجي ريلي ڪڍڻ جي ڏوھہ ۾ گرفتار ڪيو ويو، گرفتاريءَ دوران کيس اٽڪل ٻہ سال مختلف جيلن ۾ رکيو ويو، جن ۾ ڏوڪريءَ واري فوجي ڪئمپ، مڇ، ڪوئيٽا ۽ لانڍي جيل شامل آهن. اتان آزاد ٿيڻ بعد کيس ٻيهر 1986ع ۾ ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ جي ڏوھہ ۾ سکر سينٽرل جيل ۾ نظربند ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ 1986ع ۾ هن پيپلز پارٽيءَ جي قيادت سان اختلاف ڪندي پارٽيءَ کان عليحدگي اختيار ڪئي ۽ هڪ آزاد اميدوار جي حيثيت سان 1988ع وارين چونڊن ۾ حصو ورتو. مشتاق علي خان ڀٽو هڪ سياستدان هجڻ سان گڏ هڪ برجستو ليکڪ پڻ هو، سندس نثر ۾ لکيل ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾: ’جڏهن پرھہ کڻندي پاند‘ (خاڪا)، ’ٽين دنيا جي آزادي‘ (ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران ٿيل سياسي تجربن ۽ احساسن جو اظهار)، ۽ ’هٿين هٿ ڪڙول ڳچيءَ ڳانا لوھہ جا‘ (جيل جي ڊائري) شامل آهن. سندس مطالعو تمام وسيع هو. مشتاق علي خان ڀٽو 1994ع ۾ حج ڪرڻ ويو، جتي سندس وفات ٿي، کيس مڪي شريف ۾ دفن ڪيو ويو.: مشتاق علي خان ولد نادر علي خان ڀٽو 8 آگسٽ 1947ع تي ڳڙهي خدا بخش، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳڙهي خدا بخش مان حاصل ڪري، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان انٽر ۽ بي. اي گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان، ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس) 1977ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. هن پنھنجي سياسي زندگي جو آغاز 1965ع جي صدارتي چونڊن ۾ محترمہ فاطمہ جناح جي اليڪشن مھم ۾ حصو وٺڻ سان ڪيو. پاڻ 1967ع ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي پاران پاڪستان پيپلز پارٽي قائم ڪرڻ وقت سندس پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو، جنهن کيس سکر ڊويزن ۾ پارٽيءَ کي منظم ڪرڻ جي ذميواري سونپي، جنهن کي سٺي نموني نڀايائين. 1968ع ۾ جڏهن شھيد ڀٽي ۽ سندس ٻين ساٿين کي گرفتار ڪيو ويو، تڏهن مشتاق علي خان ڀٽو پڻ گرفتار ٿيو، اها سندس سياسي زندگيءَ جي پهرين گرفتاري هئي. آزاد ٿيڻ بعد سياسي سرگرمين کي جاري رکندو آيو. 1973ع جي عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پاران صوبائي اسيمبليءَ جي ٽڪيٽ آڇي وئي، پر ڪن سببن جي ڪري پاڻ انڪار ڪري ڇڏيائين. ڪجهہ عرصي لاءِ عملي سياست کان ڪٽيل پڻ رهيو ۽ ڪجهہ وقت پرڏيھہ هليو ويو. 1975ع ۾ پاڪستان واپس اچي نئين ديري ۾ رهائش اختيار ڪيائين. جڏهن 5 جولاءِ 1977ع تي ملڪ ۾ مارشلا نافذ ڪري، شھيد ڀٽي جي حڪومت کي ختم ڪري کيس نظربند ڪيو ويو تہ پاڻ شھيد ڀٽي جي حمايت ڪندي سياست ۾ ٻيهر سرگرم ٿيو. آگسٽ 1983ع ۾ جڏهن ايم. آر. ڊي تحريڪ شروع ٿي، تڏهن کيس ڳڙهي خدا بخش ڀٽي مان احتجاجي ريلي ڪڍڻ جي ڏوھہ ۾ گرفتار ڪيو ويو، گرفتاريءَ دوران کيس اٽڪل ٻہ سال مختلف جيلن ۾ رکيو ويو، جن ۾ ڏوڪريءَ واري فوجي ڪئمپ، مڇ، ڪوئيٽا ۽ لانڍي جيل شامل آهن. اتان آزاد ٿيڻ بعد کيس ٻيهر 1986ع ۾ ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ جي ڏوھہ ۾ سکر سينٽرل جيل ۾ نظربند ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ 1986ع ۾ هن پيپلز پارٽيءَ جي قيادت سان اختلاف ڪندي پارٽيءَ کان عليحدگي اختيار ڪئي ۽ هڪ آزاد اميدوار جي حيثيت سان 1988ع وارين چونڊن ۾ حصو ورتو. مشتاق علي خان ڀٽو هڪ سياستدان هجڻ سان گڏ هڪ برجستو ليکڪ پڻ هو، سندس نثر ۾ لکيل ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾: ’جڏهن پرھہ کڻندي پاند‘ (خاڪا)، ’ٽين دنيا جي آزادي‘ (ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران ٿيل سياسي تجربن ۽ احساسن جو اظهار)، ۽ ’هٿين هٿ ڪڙول ڳچيءَ ڳانا لوھہ جا‘ (جيل جي ڊائري) شامل آهن. سندس مطالعو تمام وسيع هو. مشتاق علي خان ڀٽو 1994ع ۾ حج ڪرڻ ويو، جتي سندس وفات ٿي، کيس مڪي شريف ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو