ڀٽو مولا بخش مسڪين

ڀٽو، مولا بخش ”مسڪين“: مولا بخش ”مسڪين“ ڀٽو ، 1909ع ڌاري شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو عبدالمجيد هو. پرائمري اسڪول ۾ تعليم وٺڻ بعد 1909ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري ورتائين. جيئن تہ آزاد خيال انسان هو، انڪري سرڪاري ملازمت ڪرڻ بدران سول ڪورٽ ۾، عريض نويس ٿي گذاريائين. سندس حياتيءَ جو گهڻو عرصو جيڪب آباد شھر ۾ گذريو. مذهبي تعليم جي طرف توجھہ هئس. روزي نماز جو بيحد پابند هو، ايتري قدر جو، جماعت کان سواءِ شايد ئي ڪا نماز ادا ڪيائين. حياتيءَ جي پوئين عرصي ۾ سڀ ڪجهه ڇڏي، يادِ خدا ۽ لکڻ پڙهڻ جي شغل ۾ گذاريائين.
سندس تصنيفن مان هڪ ڪتاب”حقوق الوالدين “ ڇپجي چڪو آهي ۽ سندس ٻيون تصنيفون بہ مذهبي معلومات جو ذخيرو آهن ۽ دستخطن جي صورت ۾ باقي آهن. اُنهن مان هن” سورة يوسف ۽ ياسين“ جو تفسير وڏيءَ محنت سان لکيو. مولا بخش ”مسڪين“چڱو نثر نويس تہ هو، پر شاعر بہ هو. سندس بيتن جو هڪ مجموعو ” ابيات مسڪين“ نالي سنڌي ادبي بورڊ طرفان گهڻو اڳ ڇپجي چڪو آهي، سندس بيتن ۾ ناصحانه شعر گهڻا آهن. ”مسڪين“ جي ڪلام ۾ پختگي ۽ رواني آهي.
شڪار پور جو هي زندہ دل شاعر مولا بخش ” مسڪين “ ڀٽو، گهڻو وقت بيمار رهڻ بعد 24 سيپٽمبر 1953ع تي وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1909.00.00  عيسوي

مولا بخش ” مسڪين “ ڀٽو ، 1909ع ڌاري شڪارپور ۾ پيدا ٿيو


1953.09.24  عيسوي

مولا بخش ڀٽو 24 سيپٽمبر 1953ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڊائنا
حامد علي ميمڻ ماستر
راءِ بھادر شيوارام
بانو قدسيه
ساڌنا ڀڳت
خدابخش قاضي مورائي
رئيس امروهوي
رام شرن شرما
ڀڳت کيمچند
ڊيوڊورس سائڪيولس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون