ڀٽياڻي2: ڀٽياڻي، ننگرپارڪر تعلقي جي مشھور نئن آهي، جيڪا ڪارونجهر جبل کان وهي پڙڇاپور (هاڻوڪي پيٿاپُر) واري ڊئم ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. شيخ اياز جو مشھور نظم ”ڀرج گرج ڀٽياڻي“ بہ هن نئن متعلق آهي. ڪجهہ سال پهرين هڪ سماجي تنظيم ’ڪاريتاس حيدرآباد‘ پاران هن نئن تي هڪ ڊئم اڏيو ويو، جنهن جو نالو بہ ”ڀٽياڻي ڊئم“ آهي، پر هن ڊئم کي ’سليمان ڊئم‘ بہ چيو وڃي ٿو. اهو ڊئم 2006ع جي سانوڻيءَ جي تيز برساتن ۾ ٽٽو هو ۽ ٻوڏ اچڻ ڪري ڀر پاسي وارا ڪيترائي ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا هئا. اڃان تائين ان ڊئم جي مرمت نہ ٿي سگهي آهي.