ڀٽين جي جامع مسجد جو مدرسو

ڀٽين جي جامع مسجد جو مدرسو: ٺٽي جو مخدوم اسحاق ، شيخ بھاءُ الدين زڪريا جو مريد هو. فضيلت ۽ ڪماليت ۾ بينظير هو. ٺٽي ۾ پنھنجي محلي ۾ موجود جامع مسجد ۾ مدرسو قائم ڪيائين، جتي قرآن، حديث ۽ فقہ جي عام تعليم ڏيندو هو. سندس ٻہ صاحبزادا مخدوم احمد ۽ محمد پڻ انهيءَ ساڳي ئي مدرسي ۾ پڙهيا. مخدوم محمد ڀٽيءَ ظاهري علمن جي تحصيل پنھنجي والد بزرگ کان پرائي ۽ پنھنجي پيءُ وانگر انهيءَ ساڳئي مدرسي ۾ درس تدريس جو شغل قائم رکيائين. مخدوم محمد باطني علمن جي صفائيءَ ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر ظاهري شرع جي مخالفت سھي ڪين سگهندو هو. مخدوم احمد بہ وڏو ولي ۽ بزرگ عالم هو، هميشہ گوشه گمناميءَ ۾ گذاريندو ۽ تعاليٰ جي ذڪر ۽ فڪر ۾ محو رهندو هو. سندس ان مجاهدي جي ڪري وقت جو حاڪم ڄام نظام الدين بہ سندس عقيدتمند ٿي رهيو. مخدوم احمد پنھنجي ڀاءُ مخدوم محمد کي ساڳئي مدرسي ۾ قرآن، حديث ۽ فقہ جي پڙهائڻ ۾ مدد ڪندو هو. اهو سلسلو سندن پوين تائين قائم رهيو. سندس بزرگن جي اولاد مان وڏا وڏا عالم، عارف، فاضل، اديب، شاعر، خدا جا نيڪ ٻانھا ۽ ڪرامت جا صاحب ٿي گذريا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو