ميجر عزيز ڀٽي شهيد

ميجر عزيز ڀٽي شهيد

ڀٽي عزيز ميجر شھيد

ڀٽي، عزيز، ميجر شھيد: 1965ع واري پاڪ-ڀارت جنگ جو سرخرو شهيد، عزيز ولد عبدالله ڀٽي، 1928ع ڌاري هانگ ڪانگ (چين) ۾ پيدا ٿيو. ورهاڱي کان اڳ سندس وڏا پنجاب جي گجرات ضلعي ۾ لڏي آيا. هن مئٽرڪ تائين تعليم هانگ ڪانگ ۾ حاصل ڪئي. عزيز ڀٽي، ڪيترين ئي زبانن تي عبور رکندو هو. جنهن ۾ مادري زبان کان سواءِ اردو، انگريزي، چيني ۽ جرمن زبانون شامل هيون. 1950ع ۾ آرميءَ ۾ ڪميشن ڪيائين ۽ پاسنگ آئوٽ دوران نارمن گولڊ ميڊل ۽ سورڊ آف آنرز ٻئي اعزاز حاصل ڪيائين. پاڪ فوج پاران انگلينڊ ۽ جرمنيءَ ۾ ڪيترائي ڪورس ڪيائين، سيپٽمبر 1965ع جي پاڪ- ڀارت جنگ دوران ميجر طور لاهور جي برڪي محاذ تي مقرر هو. 6 سيپٽمبر 1965ع تي جڏهن ڀارتي فوج حملو ڪيو تہ ميجر عزيز، برڪي سيڪٽر جي اڳين مورچن ۾ بهادريءَ سان مخالف فوج جو مقابلو ڪندو رهيو ۽ 12 سيپٽمبر تي بي آر بي واھہ جي ڪناري وطن لاءِ وڙهندي جان ڏنائين. کيس شهادت کان پوءِ ”نشان حيدر“ جو اعليٰ فوجي اعزاز ڏنو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.00.00  عيسوي

ميجر عزيز ڀٽي 1928ع ڌاري هانگ ڪانگ ( چين ) ۾ پيدا ٿيو


1965.09.12  عيسوي

ميجر عزيز ڀٽي 12 سيپٽمبر 1965 ع تي شهيد ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جهانگيرڪرامت
دين محمد بُٺوي
دياگير سنت
زيدي ڊاڪٽر ظفر حسنين
پليجو عبدالرحمان
ٽالپر مير شير محمد خان
رضيہ ڀَٽي
حافظ حبيب سنڌي
سرفراز ڪلهوڙو
سيد معشوق علي شاھہ دهلوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون