عنايت حسين ڀٽي

عنايت حسين ڀٽي

ڀٽي عنايت حسين

ڀٽي، عنايت حسين: فنڪار عنايت حسين ڀٽي 1926ع ڌاري گجرات ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان 1941ع ۾ لاهور منتقل ٿي ويو هو. عنايت حسين ڀٽيءَ جي فنڪاراڻي زندگيءَ جي شروعات انهن ڏينهن ۾ ٿي، جڏهن گوالمنڊيءَ ۾ رهائش پذير هو. جتي کيس هڪ پاڙيسريءَ ان دور جي سينيما فوٽوگرافر جي ڀاءُ حميد، ماضيءَ جي مقبول اداڪار ۽ فلم ساز ”نذير“ سان ملايو. نذير، عنايت حسين ڀٽيءَ کي پنھنجي پنجابي فلم ”ڦيري“ لاءِ هڪ گاني ڳائڻ جي پيشڪش ڪئي. هن جو اهو پهريون فلمي گانو، ”اکيان لانوين نا، تي فير پڇتاوين نا“ هو. هن گاني جي ڌُن بابا چشتيءَ، 1948ع ۾ ٺاهي هئي. هن ”هير ۽ سيف الملوڪ “ ڳائي وڏي شھرت حاصل ڪئي. 1955ع ۾ اداڪار طور پهرين فلم ’جلن‘ ۾ ڪم ڪيائين، جنهن جو هدايت ڪار اي حميد هو. عنايت حسين ڀٽيءَ جي هيري طور پهرين فلم ”هير“ هئي، جنهن ۾ هن جي هيروئن اداڪارہ سورن لتا هئي. عنايت ڀٽيءَ جي عروج جو زمانو اهو هو، جڏهن هن ”چن مکنا“ ، ”سجن پيارا“ ۽ ”جند جان“ نالي سان ٺهندڙ فلمن ۾ ڪم ڪيو. اهي ٽئي فلمون هڪٻئي پويان ڪامياب ويون ۽ هي شھرت جي بلنديءَ تي وڃي پهتو. عروج جي زماني ۾ ئي پنھنجي مرحومه والدہ جي نالي سان گلاب ديوي ۽ گنگارام اسپتال ۾ ٻہ وارڊ ٺهرايائين. تمام شريف طبع انسان هو. پنھنجي پوري فلمي دور ۾ ڪنهن بہ اسڪينڊل جو نشانو نہ بڻيو. فلمي دنيا ۾ اچڻ کان اڳ هيءَ اسٽيج جو فنڪار هو ۽ چمٽو وڄائيندو هو. کيس مذهب سان بہ گهڻو چاھہ هوندو هو ۽ ذاڪر هو. ٽيليوزن تي اسٽيج شو ”ڀٽي دا پهلا ڊيرا“ ۽ ”اجلا“ شو جي ڪمپيئرنگ بہ ڪيائين. هي ايم. اي اسلاميات هو ۽ اڪثر اخبارن ۾ مضمون بہ لکندو هو. 31 مئي 1999ع ۾ گذاري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.00.00  عيسوي

عنايت حسين ڀٽي 1926ع ڌاري گجرات ۾ پيدا ٿيو


1999.05.31  عيسوي

عنايت حسين ڀٽي 31 مئي 1999ع ۾ گذاري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حڪيم محمد صديق مورائي
انيس ميمڻ
پليجو مخدوم يعقوب
محمد اڪرم سمو
ڀٽي مخدوم احمد
جان ملٽن
تاج محمد شاھہ سيد
تاجو ليکي
شيام جئسنگهاڻي
سيد بدرالدين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون