ڀٽي ، مخدوم احمد: مخدوم احمد ولد مخدوم اسحاق هالن جو هڪ درويش هو . کيس سماع جو بيحد شوق هو . روايت آهي تہ پنھنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ هو نيرون ڪوٽ ( حيدرآباد ) آيو ۽ سماع جي محفل ۾ ذاڪر کان هڪ بيت ٻڌڻ شرط سندس دم پرواز ڪري ويو . هي بيت ۽ احوال ” حديقة الاولياءِ “ ۽ ” تحفة الڪرام “ ۾ آيو آهي . ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيق موجب اهو بيت مخدوم عبدالعليم پنھنجي ڪتاب ڪشف الاسرار ۾ ڏنو آهي ، جيڪو هن ريت آهي:
سڏ سڃاڻي پرينءَ جو ، وانگي جي نہ ورن ،
ڪوڙي دعويٰ دوست جي ، ڪڄاڙي کي ڪن!
عام روايتن ۾ لفظ ’سڃاڻي ‘ بدران ’سڻي ‘ آيل آهي . ڪتاب ۾ اهو بہ آيو آهي تہ مخدوم احمد ڀٽيءَ جي وفات بعد ذاڪر هي بيت چيو:
سر ڏيئي سٽ جوڙ ، ڪنهن پر ڪلالن سين ،
مرڻان منهن مَ موڙ ، وٽي ٿي وڌ لھي .
شاھه جي رسالي جي سُر يمن ڪلياڻ جي چوٿين داستان ۾ هيءُ بيت وچ ۾ آيل هن سٽ ، ” ڪاٽي ڪرٽ ڪپار ۾ ، خنجر آڻي کوڙ “ جي اضافي سان موجود آهي ۽ لڳي ٿو اهو اضافو خود شاھہ صاحب ڪري بيت جي مفهوم کي مڪمل ڪيو آهي ، جيئن شاھہ صاحب پاڻ کان اڳ وارن ڪيترن شاعرن جا بيت ۽ دوها ، خيال ۽ فڪر جي حوالي سان نامڪمل سمجهي ، ڪنهن يا ڪجهہ سٽن جي اضافي سان مڪمل ڪيا آهن .
مٿيان بيت مخدوم احمد جي ويجهي دور جا يا ان کان آڳاٽا بيت آهن . مخدوم صاحب اندازًا 1530ع ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو .