ڀٽي مخدوم محمد صالح

ڀٽي مخدوم محمد صالح: مخدوم محمد صالح پٽ مخدوم ميان محمد ابراهيم بزرگ ڀٽي ’صوفي ‘ 8 محرم الحرام 1305ھه مطابق 25 سيپٽمبر 1887ع ۾ هالن پراڻن ۾ ڄائو ، سندس نسب سترهين پيڙهيءَ ۾ مخدوم عبدالله سان لڳي ٿو ، مخدوم عبدالله جو اصلوڪو نالو ارجن بن وريه ( وريو ) هو ۽ هو جيسلمير جو حڪمران هو ، جنهن کي مخدوم بھاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ مسلمان ڪيو ۽ سندس اسلامي نالو مخدوم عبدالله رکي سنڌ ۾ اسلام جي تبليغ لاءِ مقرر ڪيو . هي واقعو سوا ڇھہ سؤ هجريءَ ڌاري جو آهي . سندس عالي نسب اڳتي وڌي ، شري رامچندر پٽ راجا دسرت سان وڃي لڳي ٿو ، جنهن کي هندو اوتار ڪري مڃين ٿا .
مخدوم عبدالله مسلمان ٿيڻ کان پوءِ اول ڳاهوٽ ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ سڪونت اختيار ڪئي ، پر پوءِ ڳوٺ ماڙي محمد خان لڳ ڀاڻوٺ ويجهو اچي رهيو ، جتي سندس آخري آرامگاھہ آهي . سندس پڙ پوٽا مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد اسحاق 900 ھہ /1494ع ڌاري اسلام پور ( هالا ڪنڊي ) ۾ اچي رهيا ، جو ڳوٺ 1779ع ۾ درياھہ جي ٻوڏ سبب ٻُڏي ويو ، پوءِ بزرگن جا نعش اتان کڻائي هاڻوڪي هالن پراڻن ۾ آندا ويا . انهيءَ وقت حضرت مخدوم نوح رح جي نعش مبارڪ پڻ اسلام پور مان کڻائي هاڻوڪن هالن نون ۾ آندي وئي . هن خاندان جا ڪيترا بزرگ ٿر ، ڪڇ ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ڏانهن لڏي ويا . اسلام پور کان لڏيندي 1779ع ڌاري ڀٽي بزرگن جا باقي ڪي وڃي گهر هالن پراڻن ۾ بچيا هئا . مخدوم محمد صالح جي والد مخدوم محمد ابراهيم ٽي شاديون ڪيون ، جنهنڪري خانداني تنازعن سبب مخدومن ۽ خليفن جا قبيلا ڇڄي ڌار ٿي پيا . اهڙيءَ طرح ننڍپڻ کان وٺي مخدوم محمد صالح جي سنڀال سندس مامن هر هڪ خليفي عبدالرحمان ، خليفي محمد ڪبير ۽ خليفي محمد جعفر ڀٽيءَ جي زير نظر ٿي . سنڌي چار درجا پنھنجي ڳوٺ هالن پراڻن ۾ پاس ڪري انگريزي تعليم لاءِ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان 1902ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين . شاگرديءَ جي وقت کان وٺي کيس مضمون نويسي ۽ ڪلام گوئيءَ جو شوق هو . نوڪريءَ واري عرصي دوران پاڻ هيٺيان ڪتاب لکيائين:
( 1 ) سيدة النساء ( 2 ) بي بي رابعہ بصري ، ( 3 ) منصور حلاج ، ( 4 ) صديق اڪبر ، ( 5 ) ڪربلا '>عروس ڪربلا ، ( 6 ) سقراط ، ( 7 ) اخلاقي جواهر ، ( 8 ) منهاج المومنين .
1944ع ۾ پينشن تي لھڻ بعد هيٺيان ڪتاب لکي پاڻ ئي شايع ڪرايائين: ( 1 ) اسان جو پيارو آقا ، ( 2 ) فاروق اعظم ، ( 3 ) واندڪائي جي وندر ، ( 4 ) فتوحات اسلام . ان کان پوءِ سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيا: ( 1 ) ڪيڏارو احسان فقير ، ( 2 ) ڪلام مخدوم عبدالرؤف ڀٽي ، جڏهن تہ هيٺيان قلمي نسخا اڻ ڇپيل صورت ۾ سندن پونئيرن وٽ محفوظ آهن . ( 1 ) المرتضيٰ ( 2 ) حيات سعدي ( 3 ) مضامين متفرقه ( 4 ) ڪلام صالح .
مخدوم صاحب جيڪي بہ ڪتاب لکيا ، سي پنھنجي خرچ سان ڇپايائين انهن جو نفعو بزرگن جي جامع مسجد لاءِ وقف ڪيائين ۽ پاڪ ان مسجد جي تعمير جي تمنا سندس حياتيءَ ۾ ئي پوري ڪئي . سندس ڪتاب سنڌ ۾ وري وري شايع ٿيا آهن ۽ گهڻي قدر مقبول آهن . ان کانسواءِ پاڻ درسي ڪتاب پڻ لکيائين ، جي سنڌ جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ پڙهايا ويا .
جيتوڻيڪ شعر گوئيءَ جو شوق شاگرديءَ جي وقت کان هئس ، پر 1935ع ڌاري ان فن ۾ پنهنجو استاد محترم محمد صديق ’مسافر ‘ کي مڃيائين ، جنهن لاءِ کيس نهايت عزت هئي . سندس اڪثر ڪلام رسول پاڪ ، اهلبيتن ۽ اصحابن جي شان ۾ چيل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1887-07.25  عيسوي

مخدوم محمد صالح ڀٽي 25 سيپٽمبر 1887ع ۾ هالن پراڻن ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شمس الدين سومرو
چنيسر3
عشرت العباد
مراد فقيرسنديلو
شير محمد خان
رميش مهتا
سيد پريل شاھ
حسين علي حسين مرزا
ڇتراڻي محمد امين
سٻڙ خان خدمتگار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون