ڀٽي نظام الدين

ڀٽي نظام الدين: نِظام الدين ڀٽي 1930ع ڌاري ڦليلي حيدرآباد ۾ ڄائو . واڍڪي ڪم جو شاھہ ڪاريگر هو . سنگيت جي بہ سٺي ڄاڻ هئس ۽ سُريلو گائڪ هو . حيدرآباد جي وڏن وڏن فنڪارن جا باجا ( هارمونيم ) سندس ٺاهيل هوندا هئا . اُن کانسواءِ ڪيترين ئي درگاهن جا دروازا ٽُڪَ تي بہ ٺاهيائين . جاميٽريءَ جي فن جو بہ ڄاڻو هو . ڪافي عرصي تائين سپيريئر فرنيچر ڪمپنيءَ جي ڪاٺ جي اُڪر ۽ نقش نگاريءَ واري شعبي جو انچارج رهيو . ان ڪمپنيءَ طرفان ڪافي عرصي تائين دبئيءَ ۾ بہ رهيو . پنھنجي فن ۾ يڪتا هي هنرمند 1980ع ڌاري حيدرآباد ۾ وفات ڪري ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو