ڀٽ، برڌ واگهہ: برڌ واگهہ ڀٽ، سنڌ جو هڪ قديم ويڄ يا حڪيم ٿي گذريو آهي، جنهن جو ذڪر مختلف ڪتابن ۾ ملي ٿو. هن جو جنم سنڌ جي سرزمين تي ٿيو هو. سندس دور 200 ق.م هو. سندس پيءُ جو نالو سينھہ گپتا هو. برڌ واگهہ جا وڏا برهمڻ هئا، جيڪي پيڙهي در پيڙهي ساڳئي پيشي سان لاڳاپيل هئا. پاڻ ٻڌمت جو پوئلڳ ٿيو. هن ان دور جي وڏي درسگاھہ تڪسشيلا مان تعليم حاصل ڪئي. سنڌ جي هن عظيم ويڄ آيرويدڪ کي نئين سر زندگي بخشي. سندس پيءُ بہ هڪ وڏو طبيب هو. حڪيم برد واگهہ ڀٽ جا علم طب ۾ هيٺيان وڏا ڪارناما آهن:
هن هند ۽ سنڌ جي مشھور آيرويدڪ طب کي نئين سر ترتيب ڏنو ۽ ”اشٽ انگ هردي“ (آيرويڪ جي اٺن انگن جي دل) نالي وڏو ڪتاب لکيو. هن ان ڪتاب ۾ ڄاڻايو تہ ان دور جا حڪيم شاگردن کي جيڪا طب جي تعليم ۽ تربيت ڏيندا هئا، اها ڏکي هئي ۽ علم طب جي سکيا جا فائدا مشڪل هئا، کيس اها بي ترتيبي پسند نہ آئي ۽ هن ان ۾ تبديلي آڻي، پنھنجي خيال موجب ان کي مرتب ڪيو آهي.
برڌ واگهہ ڀٽ جي ڪتاب جي مقدمي ۾ 30 باب، بدن جي تشريح بابت 6 باب، سبب ۽ عارضا 16 باب، علاج بابت 22 باب، دواسازيءَ جا 6 باب، جڙي ٻوٽين جي علم، مختلف بيمارين ۽ انهن جي علاج بابت 40 باب، زخمن ۽ زهرن جي علاج جا 16 باب ۽ جراحت جا 14 باب شامل آهن. برڌ واگهہ ڀٽ جو هيءُ ڪتاب، جيڪو اصل ۾ سنسڪرت زبان ۾ لکيل هو. سنڌ-هند کان عرب ۽ يورپ ۾ پهتو، جنهن جو فارسي ترجمو 878 ھہ ۾ گجرات جي بادشاھہ محمود شاھہ جي فرمائش تي سندس شاهي حڪيم علي پٽ محمد پٽ اسماعيل اساوليءَ ”شفاءَ محمودي“ جي نالي ڪيو.
برڌ واگهہ اکين جي بيمارين ۽ علاج لاءِ بہ هڪ ننڍڙو ڪتابڙو لکيو هو، جنهن ۾ اکين جي بيمارين جا 94 قسم بيان ڪيا هئائين، جڏهن تہ کانئس اڳ حڪيمن اکين جي بيمارين جا 78 قسم ٻڌايا هئا. برد واگهہ ڀٽ کان اڳ طبي اوزارن جو انگ 101 هو، پر هن 14 نون قسمن جا اوزار ايجاد ڪيا ۽ جراحيءَ جي عمل کي وسعت بخشي. هن بواسير، رحم جي بيماري، پيشاب جي بيمارين ۽ بدن جي بيمارين جا نوان اوزار جوڙيا، جن ۾ سيني ۽ معدي جي صفائيءَ جا اوزار، ٻار کي ماءُ جي پيٽ مان ڪڍڻ جو اوزار ۽ خاص عضون جي بيمارين جا اوزار اچي وڃن ٿا.
هن جراحت جي عمل ۾ انسان ۽ گهوڙي جي وارن کي ڪتب آندو. هن طبي معاملن ۾ مذهبي عقيدن کي رد ڪيو، هن انسان جي طبيعت تي موسمن جي تبديلين سبب پوندڙ اثرن جي ڪري ٿيندڙ بيمارين جون بہ وضاحتون ڪيون. هن مرض جي علامتن کي ختم ڪرڻ لاءِ اڳواٽ اپاءَ پڻ تجويز ڪيا، هن ويدن ۽ طبيبن لاءِ ضروري قرار ڏنو تہ اهي دانشمند، ديانتدار، تجربيڪار، علم طب ۾ ماهر ۽ لاطمع ۽ بي ريا هجن.