ڀٽ شاھه

ڀٽ شاھه

ڀٽ شاھه

ڀٽ شاھه: تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾، قومي شاهراھہ تي واقع ھڪ شھر جنھن کي ٽائون ڪميٽيءَ جو درجو مليل آھي. 2023ع موجب شھر جي آدمشماري ايڪيھه ھزارن کان وڌيڪ آھي. ھتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ الڳ الڳ پرائمري، ھاءِ اسڪول ۽ ڪاليج بہ آهن. هتي واٽر سپلاءِ، صحت مرڪز، ڊرينيج سسٽم ۽ بجليءَ جون سھولتون موجود آھن. ھيءُ شھر سدا حيات شاعر شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪري مشھور آھي. ”ڀٽ شاھه“ يا ”شاھہ جي ڀٽ“ درياھہ جي وھڪري جي واريءَ مان جڙيل آھي. اِهو درياهي وهڪرو چار صديون اڳ ھن علائقي مان وهي ٽنڊي آدم، اڏيري لال، نصرپور، ڍوري ھنڱوري، گلاب لغاريءَ ۽ ٽنڊي غلام عليءَ کان ٿي، ٺٽي طرف ويندو ھو. درياھہ جي پراڻي پيٽ ۾ ”ڪراڙ“ نالي ڍنڍ ھئي، جيڪا اڄ بہ موجود آهي. شاھہ لطيف ھيءُ ماڳ پنھنجي رهائش لاءِ پسند ڪيو ۽ ھتي دائمي سڪونت اختيار ڪري، جايون جوڙايون ۽ فڪر ۽ فيض وارن لاءِ آرامگاھہ بڻايائين. شاھہ لطيف جي وفات بعد سندس تدفين هتي ٿي ۽ مٿس مقبرو جڙيو. ”ڀٽ“ يعني موجودہ درگاھہ ۽ ڳوٺ وارو ماڳ ان ڊٻ واري ايراضيءَ جو وچ آھي، جتي (غالباً حجري واري جاءِ تي) پاڻ اڪثر نويڪلائيءَ ۾ رياضت ڪندو ھو. ڀٽ واري اھا ڀيڻي، جتي شروعات ۾ پاڻ ۽ بعد ۾ پنھنجن فقيرن سان گڏجي، خاص طرح سانوڻ ۾ اچي منزل انداز ٿيندو ھو. تڏھن مالوند ماڻھو بہ انھيءَ ڀيڻيءَ تي وانڍون ڪندا ھئا. ننڍپڻ کان وٺي شاھہ لطيف گنباٽ ۽ ان سان لاڳيتي ڊٻ (واريءَ جي ڀٽ) ڏٺي ھئي. پوءِ بلوغت ۽ جوانيءَ واري دور ۾ بہ اتي گهمندو ھو ۽ گوشائتو ويھي عبادت ڪندو ھو. ”شاھہ جو ڪنڊوان ڊٻ واري ايراضيءَ جي اترئين ڀاڱي ۾ ھو، جتي شاھہ لطيف رياضت ۾ محو هوندو ھو. ھيءُ ماڳ اصل ۾ واريءَ جي ھڪ وڏي شاھي ڀٽ ھئي، جنھن جي چوڌاري پاڻي ۽ ھر طرف وڏو جهنگ ھو. ڀٽ جي ھيٺ پاڻيءَ جون خوبصورت ترايون ھيون، ھيٺ ڀٽ جي پاسي ڪناري سان سھڻي وڻراھہ ھئي ۽ مٿي ڀٽ وارو ماڳ راحت بخشيندڙ ھو، جو آبڪلاڻيءَ ۾ چوڌاري ھيٺاھيون پاڻيءَ سان ڀرجي وينديون هيون. جڏھن شاھہ لطيف ڀٽ تي پنھنجو تڪيو قائم ڪيو تہ سانوڻ جي برسات ۾ اڪثر فقير سير تفريح لاءِ وٽس ايندا ھئا. شاھہ لطيف ئي ”ڀٽ“ کي سڀ کان اول اچي وسايو، ان کان اڳ تائين ھيءَ زمين غير آباد ھئي ۽ منجهس جهنگ ھو. ڀٽ جي چوڌاري سڄو سال پاڻي بيھندو ھو، گاھہ گهڻو ٿيندو ھو، جتي ڀاڳيا ماڻھو مال چاريندا ھئا. شاھہ لطيف ڀٽ کي ھموار ۽ ڪشادو ڪرايو. آخري عمر ۾ اچي ڀٽ تي ويٺو، تڏھن ڀٽ جي چوٽيءَ کان ڪجهہ ھيٺ ھڪ ڪوٺي (حجرو) ٺھرايائين، جنھن جي آڏو هڪ باغيچو پوکرائي ۽ زمين کي ھموار ڪري ڪشادو ڪيائين، پوءِ ٻہ صفا پنھنجي حرم لاءِ ۽ ھڪ صفو پنھنجي والد لاءِ ٺھرايائين. ھڪ مسجد بہ ٺھرائي. پوءِ ڀٽ جو تر ۽ بر اڳئين کان وڌيڪ ويڪرو ۽ ڪشادو ٿيو، جو فقيرن مٽي کڻي اچي ان جي مٿان وڌي. پوءِ شاھہ ليڪا ڪڍي درگاھہ جي خليفن لاءِ جاين جون حدون طئہ ڪيون ۽ پوءِ ھر ھڪ خليفي پنھنجي حد ۾ جايون جوڙايون. هتي هر سال شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جي عرس تي ميلو لڳندو آهي. سنڌ جي جديد دور جي وڏي شاعر شيخ اياز جي آخري آرام گاھہ پڻ ڀٽ شاھہ ۾ ڪراڙ جي ڪپ تي آھي. حڪومت سنڌ ۽ ثقافت کاتي پاران ھتي شاھہ لطيف ثقافتي مرڪز، آڊيٽوريم، راڳ جو اسڪول، ميوزيم، شاھہ جو باغ، لائبرري، ريسرچ سينٽر ۽ ريسٽ ھائوس وغيرہ قائم ڪيا ويا آھن. ان کانسواءِ ڪراڙ ڍنڍ جي ڪنارن کي پڪو ڪرائي خوبصورت بڻايو ويو آهي. شيخ اياز جي مزار ۽ احاطي جي تعمير جو خوبصورت ڪم بہ ثقافت ۽ سياحت کاتو ڪرائي چڪو آهي.


لفظ ڀٽ شاھهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو