ڀٽ شاھه
ڀٽ شاھه: تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾، قومي شاهراهه تي واقع ھڪ شھر جنھن کي ٽائون ڪميٽيءَ جو درجو مليل آھي. 2023ع موجب شھر جي آدمشماري ايڪيھه ھزارن کان وڌيڪ آھي. ھتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ الڳ الڳ پرائمري، ھاءِ اسڪول ۽ ڪاليج به آهن. هتي واٽر سپلاءِ، صحت مرڪز، ڊرينيج سسٽم ۽ بجليءَ جون سھولتون موجود آھن. ھيءُ شھر سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪري مشھور آھي. ”ڀٽ شاھه“ يا ”شاهه جي ڀٽ“ درياهه جي وھڪري جي واريءَ مان جڙيل آھي. اِهو درياهي وهڪرو چار صديون اڳ ھن علائقي مان وهي ٽنڊي آدم، اڏيري لال، نصرپور، ڍوري ھنڱوري، گلاب لغاريءَ ۽ ٽنڊي غلام عليءَ کان ٿي، ٺٽي طرف ويندو ھو. درياهه جي پراڻي پيٽ ۾ ”ڪراڙ“ نالي ڍنڍ ھئي، جيڪا اڄ به موجود آهي. شاهه لطيف ھيءُ ماڳ پنھنجي رهائش لاءِ پسند ڪيو ۽ ھتي دائمي سڪونت اختيار ڪري، جايون جوڙايون ۽ فڪر ۽ فيض وارن لاءِ آرامگاهه بڻايائين. شاهه لطيف جي وفات بعد سندس تدفين هتي ٿي ۽ مٿس مقبرو جڙيو. ”ڀٽ“ يعني موجوده درگاهه ۽ ڳوٺ وارو ماڳ ان ڊٻ واري ايراضيءَ جو وچ آھي، جتي (غالباً حجري واري جاءِ تي) پاڻ اڪثر نويڪلائيءَ ۾ رياضت ڪندو ھو. ڀٽ واري اھا ڀيڻي، جتي شروعات ۾ پاڻ ۽ بعد ۾ پنھنجن فقيرن سان گڏجي، خاص طرح سانوڻ ۾ اچي منزل انداز ٿيندو ھو. تڏھن مالوند ماڻھو به انھيءَ ڀيڻيءَ تي وانڍون ڪندا ھئا. ننڍپڻ کان وٺي شاهه لطيف گنباٽ ۽ ان سان لاڳيتي ڊٻ (واريءَ جي ڀٽ) ڏٺي ھئي. پوءِ بلوغت ۽ جوانيءَ واري دور ۾ به اتي گهمندو ھو ۽ گوشائتو ويھي عبادت ڪندو ھو. ”شاهه جو ڪنڊو“ ان ڊٻ واري ايراضيءَ جي اترئين ڀاڱي ۾ ھو، جتي شاهه لطيف رياضت ۾ محو هوندو ھو. ھيءُ ماڳ اصل ۾ واريءَ جي ھڪ وڏي شاھي ڀٽ ھئي، جنھن جي چوڌاري پاڻي ۽ ھر طرف وڏو جهنگ ھو. ڀٽ جي ھيٺ پاڻيءَ جون خوبصورت ترايون ھيون، ھيٺ ڀٽ جي پاسي ڪناري سان سھڻي وڻراهه ھئي ۽ مٿي ڀٽ وارو ماڳ راحت بخشيندڙ ھو، جو آبڪلاڻيءَ ۾ چوڌاري ھيٺاھيون پاڻيءَ سان ڀرجي وينديون هيون. جڏھن شاهه لطيف ڀٽ تي پنھنجو تڪيو قائم ڪيو ته سانوڻ جي برسات ۾ اڪثر فقير سير تفريح لاءِ وٽس ايندا ھئا. شاهه لطيف ئي ”ڀٽ“ کي سڀ کان اول اچي وسايو، ان کان اڳ تائين ھيءَ زمين غير آباد ھئي ۽ منجهس جهنگ ھو. ڀٽ جي چوڌاري سڄو سال پاڻي بيھندو ھو، گاهه گھڻو ٿيندو ھو، جتي ڀاڳيا ماڻھو مال چاريندا ھئا. شاهه لطيف ڀٽ کي ھموار ۽ ڪشادو ڪرايو. آخري عمر ۾ اچي ڀٽ تي ويٺو، تڏھن ڀٽ جي چوٽيءَ کان ڪجهه ھيٺ ھڪ ڪوٺي (حجرو) ٺھرايائين، جنھن جي آڏو هڪ باغيچو پوکرائي ۽ زمين کي ھموار ڪري ڪشادو ڪيائين، پوءِ ٻه صفا پنھنجي حرم لاءِ ۽ ھڪ صفو پنھنجي والد لاءِ ٺھرايائين. ھڪ مسجد به ٺھرائي. پوءِ ڀٽ جو تر ۽ بر اڳئين کان وڌيڪ ويڪرو ۽ ڪشادو ٿيو، جو فقيرن مٽي کڻي اچي ان جي مٿان وڌي. پوءِ شاهه ليڪا ڪڍي درگاهه جي خليفن لاءِ جاين جون حدون طئه ڪيون ۽ پوءِ ھر ھڪ خليفي پنھنجي حد ۾ جايون جوڙايون. هتي هر سال شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس تي ميلو لڳندو آهي. سنڌ جي جديد دور جي وڏي شاعر شيخ اياز جي آخري آرام گاهه پڻ ڀٽ شاهه ۾ ڪراڙ جي ڪپ تي آھي. حڪومت سنڌ ۽ ثقافت کاتي پاران ھتي شاهه لطيف ثقافتي مرڪز، آڊيٽوريم، راڳ جو اسڪول، ميوزيم، شاهه جو باغ، لائبرري، ريسرچ سينٽر ۽ ريسٽ ھائوس وغيره قائم ڪيا ويا آھن. ان کانسواءِ ڪراڙ ڍنڍ جي ڪنارن کي پڪو ڪرائي خوبصورت بڻايو ويو آهي. شيخ اياز جي مزار ۽ احاطي جي تعمير جو خوبصورت ڪم به ثقافت ۽ سياحت کاتو ڪرائي چڪو آهي.