ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز لائبرري: سنڌ جو ثقافتي ورثو زندہ رکڻ جي مقصد تحت ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز 1954ع ۾ قائم ٿيو. هن مرڪز کي پنھنجي لائبرري بہ هئي. جنهن ۾ هزارين ڪتاب ۽ رسالا موجود آهن، لائبرريءَ ۾ عربي ۽ فارسيءَ جا ناياب قلمي نسخا بہ موجود آهن، جن ۾ قرآن مجيد جو هڪ قلمي نسخو تمام خوبصورت اکرن ۾ لکيل آهي. سال 2010ع ۾ اُتي ڀٽ شاھہ ريسرچ سيل بہ قائم ڪيو ويو آهي، جتي شاھہ لطيف جي فڪر ۽ رسالي بابت تحقيق ڪئي ويندي.