ڀٽ شاھہ جو قبرستان: ڪلهوڙن جي دور جو هي قديمي قبرستان ڀٽ ڌڻيءَ جي روضي ڀرسان ، ڀٽ شاھہ ( ضلعي مٽياري ) ۾ واقع آهي . شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي روضي جي ٻاهران وڏو قبرستان آهي ، جنهن ۾ ڪيترن ئي نامور ماڻهن جو قبرون آهن . جن مان ڪن جا ڪتبا هيٺ ڏجن ٿا:
1 . تاريخ وفات حسرت آيات مرحوم و مغفور هز هائينس ، مير عبدالحسين خان ٽالپر ابن سرڪار شوڪت ، مدار مير عباس علي خان ٽالپر ابن سرڪار فيض ، آثار مرحوم مسرور خلد قرار امير ڪبير شان مير نصير خان شھيد ٽالپر ، واليءَ سنده ذي القعد الحرام ، سن 1342ھہ مطابق 12 جون 1924ع .
2 . تاريخ وفات مرحوم مغفور جنت مڪان خليفو ميان حسين ڀٽائي ، بتاريخ 3 ماھہ محرم سن 1324ھہ روز مريخ وقت شمس رحلت ڪرد .
3 . جنت مڪان وصال مرحوم مغفور ميان سيد جڙيل شاھہ ولد ميان قبول محمد شاھہ ڀٽائي ، تاريخ 27 ماھہ جمادي الثاني سن 1336ھہ .
4 . تاريخ وفات مرحوم و مغفور سيد مقبول محمد شاھہ ، دوازدهم ماھہ ربيع الثاني ، ازين دار فاني رحلت ڪرده سن 1311ھہ .
5 . وفات وصال مرحوم و مغفور ميان حاجن شاھہ ولد ميان مقبول شاھہ ، تاريخ 14 ماھہ رمضان ڏينهن اڱارو سن 1333ھہ .
6 . مرحوم محمد شاھہ ولد احمد شاھہ تاريخ وفات 25 جمادي الاول ڏينهن خميس سن 1387ھہ .
7 . وصال مرحوم مغفور جنت مقصود ميان احمد خان ولد مرحوم رئيس ميان ولي محمد خان نظاماڻي ، تاريخ 14 ماھہ محرم الحرام سن 1357ھہ بروز خميس .
8 . وصال مرحوم مغفور ميان جان محمد شاھہ ولد شاھہ ، تاريخ 27 مهينو رمضان شريف سن 1356ھہ ڏينهن خميس .
9 . مرحوم قبول محمد شاھہ ولد حاجن شاھہ ، تاريخ وفات 20 شعبان بروز خميس عمر 48 ورهيہ 1347ھہ .
10 . وفات مرحوم مغفور ميان شاھہ محمد شاھہ'>سيد شاھہ محمد شاھہ ولد احمد شاھہ ، تاريخ 8 ماھہ صفر عمر 75 ورهيہ ، سن 1342ھہ .
11 . مرحوم سيد ٻڍل شاھہ ولد بلاول شاھہ ، وفات تاريخ 5 ماھہ صفر سن 1365ھہ ، ڏينهن ڇنڇر ، عمر 65 ورهيہ .
12 . وفات مرحوم سيد ملوڪ شاھہ ، ماھہ رمضان سن 1360ھہ .
13 . مرحوم مغفور جنت نشين خلد برين جناب سيد بلاول شاھہ ، عمر 75 ورهيہ ، تاريخ 27 ، بروز جمعو ، ماھہ رمضان ، سن 1315ھہ .
14 . وصال مرحوم و مغفور ميان خدا ڏنو شاھہ ولد جان محمد شاھہ تاريخ 28 ماھہ جمادي الثاني سن 1366ھہ .
15 . مرحوم مغفور سيد مڱيل شاھہ ولد سيد محمد بخش شاھہ ڀٽائي 26 ربيع الاول سن 1365ھہ رات آچر وقت 9 بجي عمر 6 ورهيہ .
16 . تاريخ وصال مرحوم مغفور جنت مڪان پير ، پير محمد شاھہ عليہ رحمة تاريخ 23 جمادي الاول وقت ڏينهن سومار سن 1300ھہ .
17 . تاريخ وفات مرحوم مغفور جنت مڪان خلد ايوان شاھہ صاحب پير سيد ميان يار محمد شاھہ ، تاريخ 10 ماھہ محرم ، سن 1320ھہ .
18 . وصال مرحوم مغفور جنت مڪان ميان پير قادر جوڙيو شاھہ ولد پير شير محمد شاھہ تاريخ 22 ، ماھہ محرم ، بروز خميس ، سن 1322ھہ ، عمر 5 ورهيہ .
19 . وصال مغفور بيان خليفو ڪريم ڏنو ولد رحيم ڏنو ، ذات راهو بتاريخ 20 ماھہ ذوالقعد ، سن 1353ھہ ، عمر 33 ورهيہ .
20 . مزار مبارڪ ميان ولي محمد صاحب ، وفات 1431ھہ .
21 . مزار مبارڪ جناب تمر فقير .
22 . مرحوم محمد رحيم خان ولد دلاور خان عرف مسڪين ملنگ قلندري قوم افغان ملڪ ڪابل 6 ربيع الاول 1358ھہ ، ڏينهن اربع .
23 . وصال مرحوم مغفور شير محمد ولد جادم خان ذات ٻگهيو ، ماھہ محرم تاريخ 12 ڏينهن سومر ، عمر 60 ورهيہ ، 1336ھہ .
24 . وصال مرحوم مغفور ميان رحيمون ولد دينو خان ذات راهو ماھہ ربيع الاول بتاريخ 24 ، اڱارو عمر 50 ورهيہ ، سن 1336ھہ .
25 . حاجي خميسي خان ولد ٻڍل خان ذات جلالاڻي ، تاريخ 22 ماھہ صفر ، 1332 ھہ .
26 . مزار مبارڪ جناب فقير ميان محمد اسماعيل صاحب ، خليفہ سوم ، حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ، وفات سن 1286ھہ .
27 . ميان نور ﷲ ورايو ، 10 شوال ، سن 1374ھہ ،
28 . ميان ڇتو فقير ولد آبل فقير 4 ربيع الاول سن 1367ھہ .
29 . پير محمد شاھہ صاحب ولد سيد غلام شاھہ ڀٽائي 1386ھہ .
30 . ميان خدا ڏنو شاھہ ولد گهوٽ ساءِ 15 صفر 1344ھہ .
31 . جنت مڪان ميون محمد ولد الھڏنو فقير ، 17 ذوالقعد 1334ھہ .
32 . مراد فقير 16 صفر ، 1304ھہ .
33 . ميان نيڪ محمد فقير ولد جيئو فقير سھتو ، 15 صفر 1300ھہ .
34 . خليفو طالب فقير ، وفات 6 ربيع الاول . . . . .
35 . مسڪين بختاور فقير 5 صفر 1370ھہ .
36 . حاجي لشڪر علي خان ولد قائم خان جسڪاڻي ، جمع 29 ذوالقعد 1373ھہ ، 30 جولاءِ 1954ع .
37 . ميان الھہ بچايو ولد مير خان 12 ذوالحج 1352ھہ .
38 . سيد مصري شاھہ ولد احمد شاھہ '>سيد احمد شاھہ ، 22 رمضان 1345ھہ .
39 . ميان رحيم ڏنو فقير ولد سومار راهو ، 29 محرم 1342ھہ .
40 . ميان تاجو فقير پٽ اوڀائي جو ، 12 رجب 1352ھہ
41 . ميان گلاب فقير ولد طالب فقير ، 1 محرم ، 1352ھہ .
42 . ميان ڪيهر فقير ولد دودو فقير ، 1 محرم ، 1338ھہ .
43 . خليفو هارون ولد خليفو جان محمد ، 25 ذوالقعد
44 . سيد حبيب شاھہ ، وفات سن 1152ھہ .
45 . خلد ايوان جناب شاھہ سيد پير ميان قبول محمد شاھہ ڀٽائي ، 3 ذوالقعد 1323ھہ .
46 . پير شير محمد شاھہ ولد غلام حيدر شاھہ ڀٽائي ، 12 شعبان بروز شنبه 1362ھہ .
47 . پير سيد ولي محمد شاھہ مولائي ولد سيد محمد شاھہ ڀٽائي ، 14 جمادي الآخر اربع 1366ھہ .
48 . شمس العلماءِ الدکتور عمر بن محمد دائود پوٽه الربعا تاريخ 9 شوال سن 1313 ھہ المطابق 25 مارس 1896 و ترقي يوم الست ، تاريخ جمادي الاول 1387ھہ المطابق 22 نومبر 1958ع .