ڀڙو 2

ڀڙو 2: ڪپھہ ۾ سٽ جي تند ۾ ڳنڍ کي بہ ”ڀڙو“ چئبو آھي. ”ڀڙا ڀڃڻ“، سٽ ۾ رھجي ويل ڳنڍين ڳوڙھن ڪڍڻ کي چئبو آھي. شاھہ لطيف بہ سُر ڪاپائتيءَ ۾ چيو آهي تہ:
”اگلڙي آئون، مون کان ڀڙا ڀڳا نہ ٿيا“


هن صفحي کي شيئر ڪريو