ڀڳتي ادب: وچولي دور واري ڀارت ۾ هندو، وشنوءَ جي ڀڳتي ڪندا هئا. اهو هڪڙو طريقو مُڪتيءَ (نجات) جو هو، جيڪو ڀڳوت گيتا ۾ ڏنل آهي. شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ”ڪَتين ڪر موڙيا جڏهن“ جي ڀاڱي ٽئين ۾ لکيو آهي ته ڀڳتي ساهتيه (ادب) ڏکڻ ڀارت ۾ ”تامل گيتن“ ۾ شروع ٿيو، جيڪي گيت ستينءَ کان ڏهين صديءَ تائين اَلَور جي هڪ سنت شاعر لکيا هئا. پر پوءِ ڀڳتي 15 صديءَ ۾ اتر ڏانهن پکڙجي وئي. اتي ڪبير (1518-1430) ۽ گرونانڪ (1539-1496ع) هڪ ڪائناتي خدا ڏانهن اعتقاد جو ڦهلاءُ ڪيو، جو نه هندو هو ۽ نه مسلمان. گھڻو ڪري ڀڳتي ساهتيه (ادب) وشنوءَ جي رام يا ڪرشن جي صورت ۾ ظهور پذير ٿيڻ جي باري ۾ آهي. ڪرشن ڀڳتي اتر ۽ اوڀر ڀارت ۾ گھڻي هئي، خاص ڪري شاعر چندي داس (15 صدي) ۽ شاعره ميران ٻائيءَ (1573-1498ع) پنهنجي پرماتما لاءِ بيحد ڇڪ محسوس ڪئي هئي. اولهه ڀارت ۾ ڀڳتي شاعر مرهٽا هئا، جن ۾ نامديو (15 صدي) ۽ تِڪارام (1649-1608ع) ۽ گجراتي شاعر نرسمها مهتا (1580-1500ع) وغيره هئا. ڀڳتي تحريڪ جي مختلف لاڙن جو شاهه لطيف، روحل فقير، سچل سرمست ۽ ساميءَ جي شاعريءَ ۾ اثر ملي ٿو.