ڀڳت آتم

ڀڳت، آتم: آتم ڀڳت مٺيءَ جي مشھور راڳي موهن ڀڳت سان گڏ ڳائيندڙ ساٿي سروپ ڀڳت جو پٽ آهي. سروپ کي پٽ نہ هو ۽ هن آتم کي پٽ ڪري پاليو. آتم ڀڳت 1975ع ۾ مٺيءَ ۾ جنم ورتو. هن نصابي علم حاصل نہ ڪيو. تنهنڪري پيٽ گذر لاءِ گهڙين جي مستري هجڻ سان گڏ ٽائون ڪاميٽي مٺيءَ ۾ ملازم بہ آهي. ننڍپڻ کان ئي پنھنجي پيءُ سروپ ڀڳت ۽ چاچي موهن ڀڳت سان گڏ ڳائيندو هو. کيس موهن ڀڳت ۽ سروپ ڀڳت سان گڏ ريڊيو ۽ ٽي وي جا ڪيترا پروگرام مليا. موهن ڀڳت ۽ سروپ ڀڳت جي ديهانت کان پوءِ پنھنجي ڀاءُ، موهن ڀڳت جي پڳدار پٽ شنڪر ڀڳت سان گڏجي ڳائي ٿو. سندس آواز ۾ درد ۽ سوز آهي. پنھنجي وڏن کان ورثي ۾ مليل ڀٽائيءَ جون وايون، ڪبير جون واڻيون، ميران ۽ تلسي داس جا ڀڄن ۽ دوها ڳائيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو