ڀڳت ارجن ڪنواڻي

ڀڳت ارجن ڪنواڻي

ڀڳت ارجن ڪنواڻي

ڀڳت ارجن ڪنواڻي: ارجن ڪنواڻي'>ڀڳت ارجن ڪنواڻي 26 جون 1944ع تي ڳوٺ بهاري، گمبٽ، سنڌ ۾ ڄائو، ورهاڱي کان پوءِ والدين سان ڀارت لڏي ويو، جتي اي. آءِ. آر (A.I.R) ۽ دور درشن ٽي ويءَ تي ڀڳت وجهي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو هو. هو سنڌ جو وڏو ڀڳت هو. هن جي ڀڄنن جون ڪيسيٽون مارڪيٽ ۾ وڏي مقبوليت ماڻي چڪيون آهن. هندوستان ۾ جتي به سنڌي وسن ٿا، اتي ڀڳت ارجن پهچي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري داد حاصل ڪيو. کيس مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ۽ سندون مليون، جن مان ڪي هي آهن: (1). ”سيتا سنڌو ڀَون“ ممبئيءَ طرفان 1994ع ۾ پرڪاش ڀادواج طرفان سونو ٻلو، (2) گوبند مالهيءَ طرفان ”ڀڳونتي ناواڻي اوارڊ 2002ع ۽ (3) ”پشپا مالهي اوارڊ، 2002ع“. ڀڳت ارجن سنڌ جي ثقافتي ورثي جي نه رڳو سنڀال ڪئي آهي، پر هن فن کي پنهنجي خداداد صلاحيتن سان وڌايو به آهي. هو ڀڳت ۾ گهڻو ڪري لوڪ گيت ڳائيندو آهي، جيڪي سندس ڪاميابيءَ جو سبب بڻيا آهن. ڀڳت ارجن سنڌ جي ثقافتي ورثي ڀڳت جو هندوستان ۾ سفير آهي. هن جا وڏا به ماضيءَ ۾ خيرپور جي ميرن جي درٻار ۾ ڀڳت وجهندا هئا، اهو فن کيس ورثي ۾ مليل آهي.


لفظ ڀڳت ارجن ڪنواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو