
ڀڳت ارجن ڪنواڻي
ڀڳت ارجن ڪنواڻي: ارجن ڪنواڻي'>ڀڳت ارجن ڪنواڻي 26 جون 1944ع تي ڳوٺ بهاري، گمبٽ، سنڌ ۾ ڄائو، ورهاڱي کان پوءِ والدين سان ڀارت لڏي ويو، جتي اي. آءِ. آر (A.I.R) ۽ دور درشن ٽي ويءَ تي ڀڳت وجهي پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندو هو. هو سنڌ جو وڏو ڀڳت هو. هن جي ڀڄنن جون ڪيسيٽون مارڪيٽ ۾ وڏي مقبوليت ماڻي چڪيون آهن. هندوستان ۾ جتي بہ سنڌي وسن ٿا، اتي ڀڳت ارجن پهچي پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري داد حاصل ڪيو. کيس مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ۽ سندون مليون، جن مان ڪي هي آهن: (1). ”سيتا سنڌو ڀَون“ ممبئيءَ طرفان 1994ع ۾ پرڪاش ڀادواج طرفان سونو ٻلو، (2) گوبند مالهيءَ طرفان ”ڀڳونتي ناواڻي اوارڊ 2002ع ۽ (3) ”پشپا مالهي اوارڊ، 2002ع“. ڀڳت ارجن سنڌ جي ثقافتي ورثي جي نہ رڳو سنڀال ڪئي آهي، پر هن فن کي پنھنجي خداداد صلاحيتن سان وڌايو بہ آهي. هو ڀڳت ۾ گهڻو ڪري لوڪ گيت ڳائيندو آهي، جيڪي سندس ڪاميابيءَ جو سبب بڻيا آهن. ڀڳت ارجن سنڌ جي ثقافتي ورثي ڀڳت جو هندوستان ۾ سفير آهي. هن جا وڏا بہ ماضيءَ ۾ خيرپور جي ميرن جي درٻار ۾ ڀڳت وجهندا هئا، اهو فن کيس ورثي ۾ مليل آهي.
1944.06.26 عيسوي
ڀڳت ارجن ڪنواڻي 26 جون 1944ع تي ڳوٺ بهاري ، گمبٽ ۾ ڄائو