ڀڳت روپچند

ڀڳت روپچند: ڀڳت روپچند جو جنم 1868ع ڌاري جهامنراءِ جي گهر ۾ حيدرآباد سنڌ جي شهدادپوري گهٽيءَ ۾ ٿيو . هو هڪ نماڻو شخص هو ۽ ننڍپڻ ۾ ئي سندس دل ۾ ڀڳتي ڀاونا ڏانهن مائل هوندي هئي . سندس تعليم ڪا ايڏي وڏي نہ هئي ، ميٽرڪ پاس بہ نہ هو . 19 ورهين جي ڄمار ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ڪراچيءَ ۾ ” ٽرام وي ڪمپنيءَ “ ۾ سانده 13 سال ڪنڊڪٽر جي نوڪري ڪيائين ، جتي ترقيءَ بعد سندس پگهار 60 رپيا ٿيو . سندس مائٽ دال روٽيءَ وارا هئا . ڪراچيءَ ۾ ملازمت دوران هن جو برهمو سماج وارن سان واسطو ٿيو . ساڌو هيرانند ۽ ديوان نول راءِ جي دوستيءَ ۾ هن جي اندر ۾ سماجي خدمت ۽ ڀڳتيءَ جو جذبو پيدا ٿيو . روزانو نما شام جو برهمو مندر ۾ ويندو هو . هن شادي بہ ڪئي ۽ هڪ پٽ بہ ٿيس . 1900ع ۾ جڏهن هن جي عمر 32 سال ٿي تہ هن جي من ۾ سوال اٿيا تہ دنياداري ۽ ڌن دولت ڇا جي لاءِ؟ سچو ڌن تہ آهي خدا/ هريءَ جو نانءُ ۽ سچو خزانو تہ آهي سنتن جي واڻي . پوءِ هن نوڪريءَ مان ڪڪ ٿي پنھنجي آفيسر بروٽن ( Bruton ) کي استعيفا لکي ڏني ، بروٽن صاحب هن کي ڏاڍو ڀائيندو هو ، ڇو تہ روپچند محنتي ۽ ايماندار هو . سمورو وقت نوڪري ، فرض شناسيءَ سان ڪئي هئائين . بروٽن صاحب هن جي استعيفا تي عجب جو اظهار ڪندي ، کيس چيو تہ تنهنجو پگهار وڌڻ وارو ۽ ترقي ٿيڻ واري آهي ، تون نوڪري ڇو ٿو ڇڏين؟ تنھنجي عمر اڃا ننڍي آهي ، وڃي سوچ ، آءُ تنھنجي استعيفا منظور نہ ٿو ڪريان . بهرحال هن نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي ڇڏي . پٽ هري سندر کي آفريڪا ڪمائڻ لاءِ موڪلي ڏنائين ۽ پاڻ حيدرآباد اچي برهمو سماج جي خدمت ڪيائين ، غريبن ۽ بي سهارن جي مدد ڪيائين . هٿ ۾ يڪتارو کڻي ، پرھہ ڦٽيءَ جو ۽ شام ويلي ڀڄن ڳائي ، ڌڻيءَ جي ڪيرت ڪري ماڻهن کي آنند ڏيندو هو . هونئن بہ ننڍپڻ کان سندس لاڙو سنتن ۽ بزرگن ڏانهن هو ، ان ڪري ڳوٺ ڳوٺ وڃي صوفي ۽ ويدانتي ڪلام ڳائڻ لڳو . نہ ڪنهن سان بحث ڪيائين ، نہ دين ڌرم جا ويڇا رکيائين . هندو مسلم ايڪتا جو پرچار ڪيائين . ٽي سال آفريڪا ۾ رهڻ بعد پٽس بہ واپس حيدرآباد هليو آيو ۽ پيءُ کي چيائين تہ ” سندس من ٻاهرئين ملڪ نوڪريءَ ۾ نہ لڳو “ . پيءُ کيس ڪجهہ نہ چيو . پٽس هڪ سنڌورڪيءَ وٽ ڪا معمولي نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي ، در ماه کيس 20 رپيا ملندا هئا ۽ ڀڳت روپچند کي پراويڊنٽ فنڊ مان ڪجهہ رپيا مليا ۽ پٽ جي مختصر ڪمائيءَ مان گهر جو سادو گذر ڪندو رهيو . سادو کاڌو ، سادي پوشاڪ ۽ سادگي واري زندگي گذاريائين . سوير صبح جو ڀڳت ۽ ڪيرت ڪرڻ بعد ڦليليءَ تي ميونسپل اسپتال ۾ وڃي مريضن جي پنھنجي هٿن سان ملم پٽي ڪندو هو ۽ ڪو بہ اجورو نہ وٺندو هو . 12 وڳي اسپتال مان واندو ٿيندو هو . مهيني ۾ 100 رپيا دان ڪندو هو ، پئسا ڪٿان آڻيندو هو ، ڪو بہ نہ ڄاڻندو هو . جڏهن بہ ڪنهن غريب جي جهڳي ڪري پوندي هئي تہ وڃي سندس مددگار ٿيندو هو .
ڀڳت روپچند ، برهمو سماج حيدرآباد جي ميمبرن ۾ وڏو اتساھہ پيدا ڪيو . آچر جو سڄو ڏينهن برهمو مندر ۾ ڀڄن ڳائڻ ۽ ڪٿا ڪيرتن ڪرڻ ۾ گذاريندو هو . ساڌو ٽي . ايل . واسواڻيءَ جهڙو عظيم شخص بہ ڀڳت روپچند جي سنگ ۾ ڪيترا سال رهيو ۽ کانئس آسيس ورتائين . ڀڳت روپچند برهمو مندر کان سواءِ پنھنجي گهر ۾ بہ ڀڄن ڀاؤ ڪندو هو ، جتي ڪيترا پريمي اچي لاڀ حاصل ڪندا هئا . هر اربع ۽ ڇنڇر تي صبح جو 5 وڳي حيدرآباد جي گهٽين ۽ بازارن ۾ ڪيرت لاءِ نڪرندو هو . جمعي جي ڏينهن برهمو سماج جي ڪنهن ميمبر جي گهر ۾ ڀڄن ڀاؤ ڪندو هو . سندس زبان ۾ ميٺاج هو ، هر هڪ سان پيار ڪندو هو . ڀڳت روپچند ڪراچيءَ ۾ ٻارڙن لاءِ هڪ نائيٽ اسڪول برپا ڪرايو هو ، جتي ڏينهن جو نوڪري ڪندڙ رات جو ٻارن کي مفت تعليم ڏيندا هئا . سندس سڄيءَ ڄمار جي بچت 500 رپيا هئي ، جيڪي لڪائي مهارشي ديونندر ناٿ جي يادگيريءَ لاءِ ڪراچيءَ جي برهمو مندر ۾ هڪ آشرم ٺهرائڻ جي فند ۾ ڏئي ڇڏيائين .
ڀڳت صاحب 12 سيپٽمبر 1934ع ڌاري صبح جو 8 وڳي رام نام جپيندي پنهنجا پساھہ پورا ڪيا . ڀڳت جي ياد ۾ سندس ڀائٽي ڊاڪٽر پريتمداس وشنداس هڪ ڪتاب ” روپ مالها “ ڇپايو ، ٻارڙن لاءِ ننڍڙو ڪتاب ” روپ مالها “ ڌار ڇپايائين . جنهن ۾ ڪيترن سنتن ۽ بزرگن جا پريم ڀريا ڀڄن هئا . ڪراچي رام باغ ۾ ڀڳت روپچند جي ياد ۾ هڪ خيراتي اسپتال قائم ڪئي وئي ، جنهن ۾ ڊاڪٽر پريتمداس ٺاراڻي مفت دوا درمل ڪندو هو . ان کانسواءِ ڪراچي برهمو سماج ڀڳت صاحب جي ياد ۾ ” مفت ڪتاب گهر “ قائم ڪيو ، جنهن مان عام پڙهندڙ لاڀ حاصل ڪندا هئا .


لفظ ڀڳت روپچندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو