
آزادي جو هيرو ڀڳت سنگهه
ڀڳت سنگهہ: برصغير جي آزاديءَ جو انقلابي هيرو، ڀڳت سنگهہ پنجاب صوبي جي ضلعي لائل پور(فيصل آباد) جي ڳوٺ’بنگيانوالا/بنگاھہ‘ ۾ 28 سيپٽمبر 1907ع تي ڄائو. سندس والد جو نالو ڪشن سنگهہ ۽ ماءُ جو نالو ودياوتي هو. هن کي انقلابي ۽ ترقي پسند نظريا ورثي ۾ مليا هئا، ڇو جو هن جو پيءُ ڪشن سنگهہ ۽ چاچو تحريڪ آزاديءَ جا سرگرم ڪارڪن هئا ۽ سندس ڏاڏو ارجن سنگهہ پڻ ڀارت جي ’هندوآريا سماج پارٽي‘ جو رهنما هو.ڀڳت سنگهہ پنھنجي عملي سياست جو آغاز 12 سالن جي عمر ۾ ڪيو.جڏهن سن 1919ع ۾ ويساکي جي موقعي تي انگريز سرڪار طرفان نافذ ڪيل رولٽ ايڪٽ (هن قانون مطابق ڪنهن بہ شھري کي مقدمو هلائڻ کانسواءِ حراست ۾ وٺي سگهجي ٿو) جي خلاف جليا نوالا باغ ۾ ٿيندڙ احتجاج ۾ ’جنرل ڊائر‘ احتجاج ڪندڙن تي گوليون هلائڻ جو حڪم جاري ڪيو، جنهن کانپوءِ ڏسندي ئي ڏسندي لاتعداد ماڻهو برطانوي پوليس جي گولين جو کاڄ ٿي ويا. انهيءَ واقعي کانپوءِ ڀڳت سنگهہ انگريز سامراج خلاف زوردار آواز بڻجي اڀريو. سندس تحريڪ کي مضبوط ڏسي انگريزن کيس خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن صاف انڪار ڪيو. شروعات ۾ هي مهاتما گانڌي جو پيروڪار هو، پر جڏهن 20 فيبروري 1921ع تي ننڪانه صاحب گوردوارا ۾ بيگناھہ انسانن جو قتل عام ڪيو ويو، تڏهن هن مهاتماگانڌي جي عدم تشدد تحريڪ کان علحدگي اختيار ڪئي ۽ هن جو مڃڻ هو تہ گوليءَ جو جواب گوليءَ سان ڏجي. هي ’هندستان سوشلسٽ ريپبليڪن ايسوسيئيشن‘،’ڪيرتي ڪسان پارٽي‘ ۽ ’نوجوان ڀارت سڀا‘ نالي تنظيمن جو ڪارڪن پڻ رهيو ۽ انقلاب پسندن ۾ شامل ٿي تحريڪ آزاديءَ جو سرگرم ڪارڪن بڻجي ويو.1928ع ۾ برطانوي سائمن ڪميشن جي آمد تي لاهور ريلوي اسٽيشن تي تحريڪ آزادي ۾ شامل جماعتن احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن تي برطانوي سينيئر سپرنٽنڊنٽ پوليس جيمس اسڪاٽ جي حڪم تي لاٺي چارج ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪيترائي ڪارڪن لاله لجپت راءِ سميت زخمي ۽ ڪجهہ مارجي ويا. ان تي ڀڳت سنگهہ پنهنجن ساٿين شورام راج گرو،سک ديو ۽ چندرشيکر آزاد سان ملي برطانوي پوليس اهلڪار جيمس اسڪاٽ جي قتل جو منصوبو جوڙيو، پر غلطيءَ ۾ جيمس اسڪاٽ جي جاءِ تي هن اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ پوليس ’سانڊرز‘ نالي ٻئي پوليس اهلڪار کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ان کانسواءِ 8 اپريل 1929ع تي پنھنجي ساٿين سان ملي لاهور جي پنجاب اسيمبليءَ ۾ ’انقلاب زندہ باد‘ ۽ ’جيئي هندستان‘ جا نعرا هڻندي ٻہ بم جا ڌماڪا ڪيا. انهن ڪارروائين کانپوءِ برطانوي پوليس هن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻڻ شروع ڪيا ۽ آخرڪار هي پنھنجي ساٿين سميت ڪشمير بلڊنگ لاهور مان گرفتار ٿيو. ڀڳت سنگهہ ۽ سندس ساٿي سک ديو تي 3 سال ڪيس هليو، آخرڪار ڀڳت سنگهہ ۽ سندس ساٿي سک ديو کي ڦاسيءَ جي سزا جو حڪم ٻڌايو ويو ۽ 23 مارچ 1931ع تي هنن ٻنهي ديش ڀڳتن کي لاهور ۾ شاد مان چوڪ تي ڦاسيءَ ڏيئي. ستلج درياھہ جي ڪناري تي ٻنهي جا لاش ساڙيا ويا، جتي بعد ۾ ڀڳت سنگهہ جو يادگار قائم ڪيو ويو.(حوالا2-1)آزاد دائرة المعارف، وڪيپيڊيا 2) نيو ٽي وي.