ڀڳت مدن: هي ڀڳت شاھہ عبداللطيف جو همعصر ٿي گذريو آهي . تذڪره لطفي ۾ انهيءَ حوالي سان ڀڳت مدن جو ذڪر ۽ سندس هڪ بيت موجود آهي ، جيڪو هن ريت آهي:
ڪالھہ پڻ ڪالھہ هئي ، اڄ پڻ ڏينهن ٻيو ،
مڙهيءَ ۾ مدن چئي ، ويهي ڪانگ ويو ،
جنهن ۾ پاڻ ٻيو ، سا رهي رهندي ڪيترو .
بدوي صاحب لکي ٿو تہ: ” سترهين صدي عيسويءَ ۾ هن هندو شاعر جو نالو شاھه ڀٽائيءَ جي صحبتين ۾ نظر اچي ٿو . هُو ڪهڙي ڳوٺ يا شھر جو رهندڙ هو ، ان بابت ڪا بہ تحقيقاتي خبر پئجي نہ سگهي آهي . هو صاحبِ دل ۽ صوفي هو . سندس ڪلام ڪڏهن ڪڏهن ٻڌڻ ۾ ايندو آهي .
ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ ، مدن کي ڪوٽڙي مغل جو رهاڪو ڄاڻايو آهي ۽ سندس هڪ بيت ڏنو آهي ، جو هي آهي:
محبت مٺو ٿوڪ ، ميون ۾ مدن چئي ،
ڇا ڄاڻي لوڪ ، قدر ان ڪيميا جو .
لڳي ٿو تہ هن انداز جا بيت مدن جا ٻيا بہ هوندا ، پر يڪجا ٿي نہ سگهيا آهن . مدن ۽ شاھه لطيف جي بيتن ۾ گفتگوءَ جو ذڪر بہ ڪتابن ۽ زباني روايتن ۾ آيو آهي . مثال طور: هڪ ڀيري شاھه صاحب ۽ مدن ٻيڙيءَ ۾ سوار وچ سير ۾ پهتا تہ شاھہ صاحب ساڻس دل لڳي ڪندي پڇيو تہ:
” مدن! حشر ويل حساب جي ، ڪافر ڪندا ڪيئن “
مدن جواب ڏنو تہ سائين! ڪڏهن وقت سر ثابت ڪندس . جڏهن ٻئي ڀيري هڪ ڏينهن ٻئي درياھہ پار ڪرڻ لاءِ پتڻ تي آيا تہ شاھه صاحب پاتڻيءَ کي چيو تہ ادا اسان کي بہ پار اُڪار . هُن جواب ڏنو تہ پُور ڀرجي ويو آهي . جاءِ ناهي! مدن پئسا ڪڍي پاتڻيءَ کي چيو تہ ” ٻيڻو پتڻ وٺ “ . تہ هن هڪدم چيو تہ سائين اچو . جڏهن ٻيڙي وري وچ سير ۾ پهتي تہ شاھہ صاحب مدن کان ساڳيو سوال ڪيو . مدن هٿ جي تري کولي چيو: سائين اوهان جيڪو سوال پڇيو هو ، اُن جو جواب هي آهي:
هٿ جنين جو هيئن ، سي پهرين پتڻ پار پيا .
هنن ٻنهي سٽن کي جوڙيو تہ هڪ بھترين ۽ پُر معنيٰ بيت جُڙي پوندو . هن مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو تہ شاھه صاحب جي همعصرن ۾ مدن ڀڳت هڪ برجستو شاعر هو .