ڀڳت موهن

ڀڳت موهن

ڀڳت موهن

ڀڳت موهن: موهن ڀڳت سنڌ جو ناميارو راڳي ۽ ڀڳت ٿي گذريو آهي. هن جي گائڪيءَ جو انداز نرالو هو. خاص ڪري شاهه لطيف جي ڪلام جي حوالي سان ويهين صديءَ ۾ موهن ڀڳت جو نالو مشهور هو. موهن ڀڳت جي گائڪي سنڌ جي قديم موسيقيءَ جو هڪ اهڙو نمونو هئي، جيڪو اڃا تائين عام طرح مقبول آهي. سنڌ جا ٿري ڳائڻا ۽ ڀڳت ان مخصوص گائڪيءَ جي انداز سبب پاڻ کي ڀڳت سڏائيندا آهن.
موهن ڀڳت ٿرپارڪر ضلعي جي شهر اسلام ڪوٽ ۾ 30-1929ع ڌاري ڄائو. سندس ننڍپڻ ٻهراڙيءَ ۾ ٻڪريون چاريندي گذريو. هو جڏهن ٻڪرين جي ڌڻ سان جهنگ ۾ ويندو هو ته وقت گذارڻ لاءِ اڪثر ڪافيون ڳائيندو رهندو هو. سندس پيءُ ڀڳت اميدارام ۽ چاچو موتي ڀڳت پنهنجي تر جا مشهور ڳائڻا رهيا آهن. موهن ڀڳت کي ننڍپڻ ۾ ڳائڻ جي سکيا پنهنجي پيءُ ۽ چاچي کان ملي. ننڍپڻ ۾ هو محفل ۾ جڏهن ڳائيندو هو ته کيس گهڻو پسند ڪيو ويندو هو. عارفاڻي ڪلام کي ”ڀڳتي انداز“ ۾ ڳائڻ لاءِ هن وڌيڪ سکيا ٿر جي مشهور ڳائڻي عمرو ڀڳت ۽ استاد مراد فقير کان ورتي. استاد مراد فقير ڪافيءَ جي گائڪيءَ ۾ سٺي شهرت رکندڙ هو. سندس شاگردن ۾ لوڪ موسيقيءَ جي مشهور ڳائڻي مائي ڀاڳي به شامل آهي.
موهن ڀڳت سان سنگت ۾ ڳائيندڙ ٻه ساٿي، سندس ڀاءُ سروپو ڀڳت ۽ موهن جو پٽ شنڪر رهيا. ڳائڻ وقت موهن ڀڳت چار ساز رکندو هو. ڍولڪ، ٽلي، دنبورو ۽ هارمونيم، انهن سازن جي سنگت ۾ موهن ڀڳت پنهنجي ساٿين سان گڏ اهڙو رچاءُ پيدا ڪندو هو، جو ٻڌندڙن کي جهومائي وجهندو هو. موجوده دور ۾ اڄڪلهه جا موسيقار ۽ ڳائڻا سازن جو گهڻي تعداد ۾ استعمال ڪندا آهن، پر موهن ڀڳت صرف چئن سازن جي باوجود پنهنجي ادائگيءَ ۾ موسيقيءَ جو هڪ خاص انداز قائم رکيو آهي، جيڪو گهڻو پسند ڪيو ويو آهي. موهن ڀڳت جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس پٽ شنڪر ڀڳت ۽ ڀائٽيو آتم ڀڳت گڏجي ساڳئي انداز ۾ ڳائين ٿا. موهن ڀڳت جو تنبورو هڪ قديم اڪ جي پاڙ مان ٺهيل هو، جيڪو سنڌ ۾ انوکو مثال آهي.
ڀڳت موهن 10 مارچ 1995ع تي گذاري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو