ڀڳت ناچ

ڀڳت ناچ: سنڌ ۾ ڀڳت ناچ ڪٿڪ جو نمونو آهي. ڪٿڪ ۾ بہ قصي گوئي ڪبي آهي ۽ ناچ وسيلي ڪردارن کان ڳارايو ويندو آهي. اهي نچي نچي پنھنجي احساسن جو اظهار ڪندا آهن. هي ناٽڪ ناچ جو سنڌي نمونو آهي. ناٽڪ ناچ، جنهن کي هندي ۾ ’نٽيا‘ چيو وڃي ٿو، ان جي وصف اها آهي تہ داستان گو ڪٿا ڪرڻ وقت ڪنهن بہ تاريخي يا مذهبي واقعي کي ترنم سان ٻڌائيندو ۽ انهيءَ سان گڏ پنھنجي جسم جي مختلف حصن کي اهڙي طرح چوريندو پوريندو جو داستان گوئي حقيقت جي بلڪل ويجهو ٿي پوندي آهي. ڪٿڪ جا ٻہ حصا آهن. هڪ ”نرتا“ جنهن ۾ نج رقص جي فني صورت هجي ٿي ۽ ٻيو ”هنيا“، جنهن ۾ پنھنجي احساس جي اظهار لاءِ چهري تي مختلف اُڀار آڻجن ٿا. ڀڳت بہ ڪهاڻي يا ڳالھہ کڻڻ جو انداز آهي، جنهن ۾ هڪ طرف مُک فنڪار ٿئي ۽ ٻيا مددي آواز ٿين. مُک ڪهاڻي ٻڌائيندڙ نثر ۾ ڪا ڪهاڻي يا ڳالھہ کڻندو آهي ۽ پوءِ پنھنجي ساٿي ڪلاڪارن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جي ڪردارن وچ ۾ ڪٿي نثر ۾ تہ ڪٿي بيتن/ گيتن ذريعي اظهار ڪندو. ڀڳت، ڪٿڪ ناچ جي مڪاني صورت چئي سگهجي ٿو.


لفظ ڀڳت ناچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو